Home / تازا ترين / ڪراچي ۾ 4 ماڙ عمارت ڊهي پٽ، 2 ٻارڙا فوت، ڪيترائي زخمي

ڪراچي ۾ 4 ماڙ عمارت ڊهي پٽ، 2 ٻارڙا فوت، ڪيترائي زخمي

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) ڪورنگي جي علائقي الله والا ٽائون ۾ 5 ماڙ رهائشي عمارت پٽ پئجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 15 ورهين جو نينگر فوت، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. جناح اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيمي جمالي 15 ورهين جي وقاص جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنهن کي مئل حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو. حادثي ۾ 4 زخمين کي پڻ جناح اسپتال پهچايو ويو، جن ۾ 60 ورهين جو ايوب، 40 ورهين جي نشا، 18 ورهين جي نازش ۽ 35 ورهين جي راڻي اقبال شامل آهن. واقعي جي حوالي سان ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جي اسٽيشن هائوس آفيسر (ايس ايڇ او) جو چوڻ هو ته ڄاڻايل عمارت 5 ماڙ هئي. ريسڪيو ۽ پوليس اهلڪارن حادثي واري هنڌ پهچي ڪارروائين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڳري مشينري سان عمارت جو ملبو کڻڻ جو ڪم جاري آهي. عمارت ڪرڻ کانپوءِ وڏي انگ ۾ ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ شروعاتي طور تي 6 زخمين کي ملبي مان ڪڍي اسپتال پهچايو ويو. علائقي واسين موجب ڪريل عمارت ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 خاندان رهندڙ هئا، جڏهن ته ملبي هيٺان ماڻهن جون دانهون به ٻڌڻ ۾ آيون. هوڏانهن سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڪورنگي جي ڊائريڪٽر آصف رضوي ٻڌايو ته عمارت غير قانوني طور تعمير ڪئي وئي هئي، عمارت چائنا ڪٽنگ جي زمين تي ٺاهي وئي هئي، ان عمارت جو ڪو نقشو يا اپروول پلان نه هو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

آواران ۾فورسز جو آپريشن، 4 دهشتگرد مارجي ويا، ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه

راولپنڊي(م ڊ) بلوچستان جي ضلعي آواران ۾ فورسز جي آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا.آءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے