Home / پاڪستان / 30 ڊسمبر کان اڳ نوازليگ ورهائجي ويندي، مريم جي سياست لنڊن وڃڻ لاءِ آهي: شيخ رشيد

30 ڊسمبر کان اڳ نوازليگ ورهائجي ويندي، مريم جي سياست لنڊن وڃڻ لاءِ آهي: شيخ رشيد

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد 30 ڊسمبر کان اڳ(ن) ليگ جي ورهائجي وڃڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.هن چيو ته نوازشريف تفريح ڪري رهيو آهي پر هو واپس اچڻ لاءِ تيار نه آهي. مريم نواز جي سموري سياست لنڊن وڃڻ لاءِ آهي. وفاقي وزير صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) جا حالات هن وقت خراب آهن. مولانا فضل الرحمان جلسو جلسو کيڏندو. اي پي سي ڪوبه ٻوٽو نه ٻاري سگهندي. ڪراچي پيڪيج تي ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم ڪراچي ۾ اهوئي ڪيو  جيڪو کيس ڪرڻ گهرجي ها.مرڪز ۽ صوبن کي هڪ جڳهه تي ويهارڻ ۾ فوج جو نه وسارڻ جوڳو ڪردار آهي. اسان کي ان ڳالهه تي نه وڙهڻ گهرجي ته هڪ روپيو ڪنهن لڳايو، 2 روپيه ڪنهن لڳايا.شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته عمران خان جي اڳواڻي ۾  ملڪ کي اڳيان کڻي وينداسين. هي سال اسان جي حڪومت خدمت جو سال ڪري گذاريندي. تحريڪ انصاف جي حڪومت 3 سال وڌيڪ عوام جي خدمت ڪندي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

تعليمي ادارا فيصلي سان درسي عمل متاثر ٿيندو: شفقت محمود

اسلام آباد: (م ڊ)  تعليم کاتي جي وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته تعليمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے