Home / پاڪستان / نيب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ضمانت رد ڪرڻ ۽ گرفتاري لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو

نيب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ضمانت رد ڪرڻ ۽ گرفتاري لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو

اسلام آباد (مانِٽرنگ ديسڪِ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه اسٽيل ملز ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي درخواستن تي ٻڌڻي دوران چيو آهي ته ڏسڻو آ هڪ جوابدار جنهن کي عدالت ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو، ان جون درخواستون ٻڌي سگهجن ٿيون. جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل بئنچ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اڳوڻي وزيراعظم کي سرينڊر ڪرڻ لاءِ ڏنل مهلت جو معاملو به بحث هيٺ آيو. واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان اڳوڻي وزيراعظم کي سرنڊر ڪرڻ لاءِ ڏنل مهلت ختم ٿي وئي ۽ نواز شريف سرنڊر نه ڪيو. عدالت ٻڌڻي دوران چيو ته ان قانوني نڪتي تي عدالت جي مدد ڪيو ته ڇا اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ کانسواءِ ڇا ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ ان جي درخواست ٻڌي سگهجي ٿي يا نه؟ جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا ته نواز شريف 19 نومبر تي ٻاهرين ملڪ ويو، 4 هفتن جو مدو ڊسمبر ۾ ختم ٿيو ۽ وفاقي حڪومت اڃا تائين سندس صحت معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي. هن چيو ته اڄ عدالت سامهون رڳو اهو سوال آهي ته اشتهاري ٿيڻ کانپوءِ ڇا اسان نواز شريف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪري سگهون ٿا؟ اشتهاري جوابدار جو سرنڊر ڪرڻ ضروري آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته جنهن ڊاڪٽر جو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ جمع ڪرايو ويو اهو ته پاڻ آمريڪا ۾ آهي، جڏهن ته نواز شريف گذريل 7، 8 مهينن کان لنڊن ۾ آهي ۽ اسپتال به داخل ناهي ٿيو. ان موقعي تي نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث چيو ته ان بابت مان اڳ به عدالت کي ٻڌائي چڪو آهيان، اسان چاهيون ٿا ته نواز شريف جي درخواست ۽ اپيلون ٻڌيون وڃن. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ان لاءِ اسان اڳ ۾ مفرور ڊڪليئر ڪنداسين ۽ پوءِ اپيل ٻڌنداسين. خواجا حارث چيو ته انڊر ٽيڪنگ ۾ واضح لکيل آهي ته هاءِ ڪميشن جي نمائندي ذريعي صحت جو جائزو ورتو ويندو. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اسان نواز شريف جي صحت جو معلوم نه ڪيو، ڇو ته هو اسپتال ۾ داخل ناهي ۽ علاج ٿيو ئي ناهي. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته نواز شريف کي موقعو ڏنو ته هو سرينڊر ڪري، اڃا نواز شريف کي حاضري کان ڇوٽ به ناهي ڏني وئي. جسٽس عامر فاروق چيو ته ان نڪتي تي عدالت جي مدد ڪيو ته جيڪڏهن ڪيس ۾ ڪو اشتهاري ٿي وڃي ته ڇا ٻئي ڪيس ۾ ان کي ٻڌي سگهجي ٿو؟ ان ئي نڪتي تي اعليٰ عدالتن جا فيصلا حوالن طور جمع ڪرايو ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي دليل ڏيو. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 15 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي هوڏانهن نيب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ضمانت رد ڪرڻ ۽ گرفتاري لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو. نيب طرفان هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف مفرور آهي، سندس ضمانت رد ڪئي وڃي ۽ کيس گرفتار ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. نيب جي درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا معطل ڪئي هئي، سپريم ڪورٽ به سزا معطلي جو هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو پر نواز شريف سزا معطلي ۽ ضمانت جي رعايت جو غلط استعمال ورتو. درخواست موجب ٻاهرين ملڪ وڃڻ کانپوءِ نواز شريف ان رعايت جو حقدار ناهي رهيو، تنهن ڪري ايون فيلڊ ريفرنس سزا معطلي ۽ ضمانت ختم ڪئي وڃي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

تعليمي ادارا فيصلي سان درسي عمل متاثر ٿيندو: شفقت محمود

اسلام آباد: (م ڊ)  تعليم کاتي جي وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته تعليمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے