Home / تازا ترين / ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ڪرونا وائرس سبب بند ٿيل تعليمي ادارا اڱاري کان مرحليوار کلڻ شروع ٿي ويا

ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ڪرونا وائرس سبب بند ٿيل تعليمي ادارا اڱاري کان مرحليوار کلڻ شروع ٿي ويا

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ڪرونا وائرس سبب بند ٿيل تعليمي ادارا اڱاري کان مرحليوار کلڻ شروع ٿي ويا. يونيورسٽين ۽ ڪاليجن سان گڏوگڏ نائين ۽ ڏهين جماعت جا ڪلاس شروع ٿي ويا آهن تعليمي ادارن ۾ داخل ٿيڻ واري هنڌ تي شاگردن وچ ۾ سماجي وٿي رکڻ لاءِ نشان ٺاهيا ويا آهن، واڪ ٿرو جراثيم مار گيٽ لڳايا ويا آهن. ان موقعي تي اسپري ۽ سينيٽائيز به ڪيو ويو. تفصيل موجب سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي سميت سڄي سنڌ م نائين ۽ ڏهين تائين سرڪاري ۽ خانگي اسڪول مدرسه ڪاليج ۽ يونيورسٽيون کلي ويون آهن ۽ ڪرونا وائرس کان بچڻ جي ايس او پيز تي عمل سان گڏوگڏ پڙهائي وارو عمل شروع ٿي ويو سعيد غني ان حوالي سان چيو ته صوبي ۾ سمورا تعليمي ادارا 15 کان 30 سيپٽمبر دوران کوليا ويندا هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ هاءِ اسڪول کان يونيورسٽين تائين ادارا کوليا ويندا. 22 سيپٽمبر کان ڇهين کان اٺين جماعت تائين اسڪول کوليا ويندا 30 سيپتمبر تي پري پرائمري ۽ پرائمري ڪلاسز به بحال ٿي ويندا. سنڌ جي تعليم جي وزير مطابق تعليمي ادارن ۾ شاگردن، استادن ۽ عملي لاءِ سرجيڪل يا ڪپڙي جو ماسڪ پائڻ لازمي هوندو. ڪنهن ٻار کي بخار يا کنگهه هجي ته ان کي اسڪول نه موڪليو وڃي ٻارڙن کي وقفي وقفي سان هٿ ڌوئڻا پوندا هن هدايت ڪئي ته هڪٻئي سان لنچ شيئر نه ڪرڻي پوندي. استادن کي ٻارڙن کي سماجي وٿي جي هدايت ڪرڻي پوندي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

آواران ۾فورسز جو آپريشن، 4 دهشتگرد مارجي ويا، ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه

راولپنڊي(م ڊ) بلوچستان جي ضلعي آواران ۾ فورسز جي آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا.آءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے