Home / پاڪستان / پاڪستان ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 6 ڄڻا فوت، 404 نوان ڪيس رپورٽ

پاڪستان ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 6 ڄڻا فوت، 404 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 6 مريض لاڏاڻو ڪري ويا، 404 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، پاڪستان ۾ ڪرونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن اندر سڄي ملڪ ۾ ڪرونا جون 27277 ٽيسٽون ڪيون ويون جن ۾ 404 ماڻهو ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي وائرس وگهي وڌيڪ 6 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا پاڪستان ۾ ڪرونا جي مريضن جو ڪل انگ 3 لک 2424 ٿي ويو آهي ۽ 6389 فوت ٿيا آهن سرڪار پورٽل مطابق 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 455 مريض ڪرونا مان صحتياب ٿيا آهن سنڌ ۾ ڪرونا جي مريضن جو ڪل انگ 132250 ٿي ويو آهي، 2445 ماڻهو هن وقت تائين لاڏاڻو ڪري چڪا آهن، پنجاب ۾ ڪرونا جي مريضن جو انگ 97817 آهي ۽ 2220 ماڻهو ڪرونا وائرس وگهي فوت ٿي چڪا آهن بلوچستان ۾ 13621 مريض ۽ 145 فوت ٿي چڪا آهن، ڪي پي ڪي ۾ ڪرونا مريضن جو انگ 37079 ۽ 12657 مريض فوت ٿي چڪا آهن، آزاد ڪشمير ۾ 2426 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن ۽ 66 ماڻهو لاڏاڻو ڪري ويا ان کان علاوه گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪرونا جي مريضن جو انگ 3269 ۽ 78 ماڻهو لاڏاڻو ڪري چڪا آهن اسلام آباد ۾ 15962 ڪرونا جي مريضن جو انگ ٿي ويو آهي هن وقت تائين 178 مريض فوت ٿي چڪا آهن

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان ملڪي سياست، جمهوريت ۽ پاڻ تي رحم ڪري: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے