Home / پاڪستان / ڪرونا ٻيهر ڪر کنيو، سنڌ ۾ سڪينڊري اسڪول 28 سيپٽمبر کان کولڻ جو فيصلو
Students wear masks as they go to school amid heavy smog conditions in Lahore on November 14, 2019. (Photo by Arif ALI / AFP)

ڪرونا ٻيهر ڪر کنيو، سنڌ ۾ سڪينڊري اسڪول 28 سيپٽمبر کان کولڻ جو فيصلو

اسلام آباد/ڪراچي/ حيدرآباد (نمائندن وٽان/م ڊ) ملڪ ۾ تعليمي ادارن طرفان ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪورونا جا ڪيسز ٻيهر وڌڻ لڳا، بلوچستان ۾ ڪورونا جا ڪيسز وڌڻ بعد هڪ ڏينهن ۾ 4 اسڪول ۽ هڪ يونيورسٽي بند، ڪوئيٽا جي ٽن ۽ زوب جي هڪ گرلز اسڪول ۾ ڪورونا جا ڪيس رپورٽ ٿيا، بلوچستان يونيورسٽي به بند، پنجاب جي مختلف اسڪولز ۾ 32 ٻارن ۽ ٻن ملازمن کي ڪورونا جي تصديق، وڌيڪ 2 اسڪولز سيل، حيدرآباد ۾ تعليمي ادارن جي دورن بعد پريس ڪانفرنس دوران صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته صوبائي حڪومت ٻارن جي صحت کي نظر ۾ رکندي ٻئين مرحلي ۾ تعليمي ادارا کولڻ وارو فيصلو هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪيو آهي، اِن ۾ ناراضگي جي ڪابه ڳالهه نه آهي، اڳواٽ اعتماد ۾ وٺڻ بابت وفاقي وزير شفقت محمود جي ڏوراپي کي به ڏسي وٺنداسين، کيس خبر آهي ته ٻارن جي تعليم ۽ صحت جي مامري تي اسان سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ناهي ڪئي، 22 سيپٽمبر تي اجلاس دوران تعليمي ادارا کولڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪئي ويندي، ڪراچي ۾ به 4 تعليمي ادارن کي بند ڪري ڇڏيو، هوڏانهن سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڇهين کان اٺين ڪلاسن جو تدريسي عمل 28 سيپٽمبر کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.رپورٽ موجب سنڌ جي سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ ڇهين کان اٺين ڪلاسن جو تدريسي عمل 28 سيپٽمبر کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.تعليم واري وزير جي منظوري کان پوءِ سنڌ جي تعليم کاتي طرفان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته سنڌ حڪومت ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب ڇهين کان اٺين ڪلاس تائين تدريسي عمل 21 سيپٽمبر تي بحال ڪرڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو هو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪي سياست ۾ ڦيرڦار ٿي سگهي ٿي، اپوزيشن جي جلسن سان ڪو فرق نه ٿو پوي: شيخ رشيد

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو اهي ته وزيراعظم عمران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے