Home / پاڪستان / شگر مل ڪيس، جهانگير ترين جو جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ کان انڪار

شگر مل ڪيس، جهانگير ترين جو جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ کان انڪار

لاهور: (م ڊ) شوگرملز ڪيس ۾ گڏيل جاچ ٽيم طرفان طلبي تي جهانگير ترين چيو آهي ته لنڊن ۾ علاج  هلڻ سبب جي آءِ ٽي آڏو پيش نٿو ٿي سگهان.رپورٽ موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينئر اڳواڻ جهانگير ترين 15 ارب روپين جي ڪارپوريٽ فراڊ ڪيس ۾ پاڻ پيش نه ٿيو البته ايف آءِ اي جي گڏيل جاچ ٽيم کي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. پنهنجي جواب ۾ هن چيو ته ايف آءِ اي جي گڏيل جاچ ٽيم جي سامهون ذاتي طور تي پيش ناهيان ٿي سگهيو. هن وقت لنڊن ۾ علاج هيٺ آهيان ۽ ان سوالن جي جوابن لاءِ مناسب وقت گهربل آهي.جهانگير ترين چيو ته وقت ڏنو وڃي ته سمورن سوالن جو جواب گهربل دستاويز سان گڏ ڏئي سگهان. شوگر ڪميشن جي جاچ دوران جهانگير ترين پنهنجي شوگرملز جي ذريعي 15 ارب روپين جي ڪارپوريٽ فراڊ ڪرڻ جون شاهديون سامهون اچڻ تي ايف آءِ اي کيس طلب ڪيو ۽ پنهنجي ليگل ايڊوائيزر جي حوالي سان جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. ايف آءِ اي جي گڏيل جاچ ٽيم جواب وصول ڪري ورتو آهي.هاڻ جاچ ڪميشن جي سامهون جهانگير ترين ۽ ان جي پٽ علي ترين جا جواب سامهون رکي وقت ڏيڻ جو  فيصلو ڪيو ويندو. واضح رهي ته جهانگير ترين کي شوگرملز معاملي تي ۾ مني لانڊرنگ جي جاچ ڪندڙ ايف آءِ اي جي ٽيم جهانگير ترين کي اڄ لاهور ۾ طلب ڪيو هو جڏهن ته ان جي پٽ علي ترين کي به هن ڪيس جي جاچ جي سلسلي ۾ 20 سيپٽمبر تي طلب ڪيو ويو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪي سياست ۾ ڦيرڦار ٿي سگهي ٿي، اپوزيشن جي جلسن سان ڪو فرق نه ٿو پوي: شيخ رشيد

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو اهي ته وزيراعظم عمران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے