واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا ۾ چيني ايپس ٽڪ ٽاڪ ۽ وي چيٽ کي ڊائون لوڊ ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي پئي وڃي. آچر کان آمريڪي واهپيدار چيني ويڊيو شيئرنگ ايپ ”ٽڪ ٽاڪ“ ۽ ميسيجنگ ايپ ”وي چيٽ“ ڊائون لوڊ نه ڪري سگهندا. ٽرمپ انتظاميا جو چوڻ آهي ته اهي سوشل ميڊيا ڪمپنيون چيني ڳجهي ايجنسي سان آمريڪي شهرين جي ڄاڻ شيئر ڪنديون آهن، جنهن سان قومي سلامتي، پرڏيهي پاليسي ۽ ملڪي معيشت کي خطرا آهن. هوڏانهن ٽڪ ٽاڪ ڪمپني آمريڪا جا الزام رد ڪري ڇڏيا آهن. ٽڪ ٽاڪ جو چوڻ آهي ته آمريڪا هڪ وڏي منڊي آهي، جتي ماهوار هڪ سئو ملين کان وڌيڪ واهپيدار ٽڪ ٽاڪ ايپ استعمال ڪندا آهن.
