نڪور خبرون
Home / پاڪستان / والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ قتل عام جي عالمي عدالت جاچ ڪري: پاڪستان

والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ قتل عام جي عالمي عدالت جاچ ڪري: پاڪستان

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ 3 ڪشميرين جي عدالت کان مٿانهين قتل جي عالمي نگراني ۾ عدالتي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب والاريل ڪشمير ۾ 3 نوجوانن 25 ورهين جي امتياز احمد، 20 ورهين جي محمد ابرار ۽ 16 ورهين جي ابرار احمد جي عدالت کان مٿانهين قتل جي عالمي نگراني ۾ عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. ترجمان جو چوڻ هو ته ڪشميري نوجوان راجوري کان شوپيان صوفن جي باغن ۾ مزدوري ڪرڻ ويا هئا، انهن جي بي رحماڻي قتل تي پردو وجهڻ لاءِ ڀارتي قابض فوج کين ٽن اڻڄاتل دهشتگردن جو خطاب ڏنو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب ڏوهه لڪائڻ لاءِ ڀارتي فوج انهن جا مڙهه وارثن حوالي ڪرڻ بدران پرڏيهي دهشتگردن جي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيا، نوجوانن جي قتل عام کان ٻه مهينا پوءِ ڀارتي فوج انهن جي عدالت کان مٿانهين قتل جو اعتراف ڪيو. واضح رهي ته ڀارتي قابض فوج 18 جولاءِ تي شوپيان جي علائقي ۾ 25 ورهين جي امتياز احمد، 20 ورهين جي محمد ابرار ۽ 16 ورهين جي ابرار احمد کي آپريشن ۾ شهيد ڪيو هو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغان پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي: شاهه محمود

اسلام آباد(م ڊ)  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته 44 سيڪڙو آمريڪي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے