لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر محمد حفيظ نوجوان فاسٽ بالر عرفان جونيئر جي طرفان ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ڇڏڻ جي فيصلي تي ڏک جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي.عرفان جونيئر گذريل سيزن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو هو. پر ان جي باوجود هلندڙ سال شيڊول سيزن لاءِ هن سدرن پنجاب جي بجاءِ سيڪنڊ اليون ۾ شامل ڪيو ويو جنهن سبب هو سليڪشن ڪميٽي کان ڪافي پاسيرو هو ۽ ڊوميسٽڪ سيزن کيڏڻ جي بجاءِ هن آسٽريليا ۾ ڪلب ڪرڪيٽ کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.محمد حفيظ عرفان جونيئر جي ان فيصلي تي ڏک جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته فاسٽ بالر پنهنجي فيصلي تي نظر ثاني ڪندو ۽ ڊوميسٽڪ سيزن جي دوران ايڪشن ۾ نظر ايندو.
