Home / سنڌ / پاڪستان طبي ڪانفرنس طرفان حيدرآباد طبي مشاورتي گڏجاڻي، وڏي تعداد ۾ حڪمين جي شرڪت

پاڪستان طبي ڪانفرنس طرفان حيدرآباد طبي مشاورتي گڏجاڻي، وڏي تعداد ۾ حڪمين جي شرڪت

حيدرآباد(رپورٽ اي ڪي بوزدار)پاڪستان طبي ڪانفرنس سنڌ پاران حيدرآباد ۾ هڪ روزه طب ۽ طبيبن جي مسئلن جي حل لاءِ طبي مشاورتي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪواليفائيڊ حڪيمن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔جنهن جي صدارت پاڪستان طبي ڪانفرنس پاڪستان جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري حڪيم منصورالعزيز ڪئي جڏهن ته مهمان خاص پاڪستان طبي ڪانفرنس پنجاب جو جنرل سيڪريٽري محمد احمد سليمي هيو۔هن جلسي نما گڏجاڻي جي ميزباني پاڪستان طبي ڪانفرنس سنڌ جي صدر حڪيم محمد منور شيخ۽ جنرل سيڪريٽري حڪيم سراج الدين چانڊيو ڪئي۔پروگرام جي شروعات ۾ آيل مهمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ۽ ٽوپن جا تحفا ڏنا ويا۔لاڙڪاڻي کان آيل حڪيم عبدالعزيز بوزدار نامياري حڪيم ۽ نئيشنل ڪائونسل فارطب جي اڳوڻي ميمبر حڪيم سراج الدين چانڊيو کي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو۔تقريب کي خطاب ڪندي حڪيم منصورالعزيز حڪيم محمد احمد سليمي حڪيم محمد منور شيخ حڪيم سراج الدين چانڊيو۽ ٻين چيو ته پاڪستان طبي ڪانفرنس سنڌ جي حڪيمن سان درپيش مسئلن جي حل لاء پاڻ پتوڙيو آهي۔هنن چيو ته سنڌ جي حڪيمن جا جائز مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرايا ويندا هنن چيو ته هيلٿ ڪئير ڪميشن جا عملدار حڪيمن کي ناجائز تنگ نه ٿا ڪن جٿي شڪايت هجي اتي پاڪستان طبي ڪانفرنس جا اڳواڻ پهچي سندن ساٿ ڏئي مسئلن حل ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا۔هنن چيو ته پاڪستان طبي ڪانگرنس جو مقصد ئي طب ۽ طبيب جي خدمت ڪرڻ آهي۔آخر ۾ حڪيمن کي طبي خدمتن عيوض شيلڊ پڻ ڏنا ويا۔ان موقعي تي پاڪستان طبي ڪانفرنس لاڙڪاڻي ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري حڪيم منصور سومرو۔تعلقه رتيديري جي صدر عبدالعزيز بوزدار۔حڪيم ارشاد سومرو۔حڪيم عبدالرحمان پٺاڻ۔حڪيم محمد بچل سيال۔حڪيم غلام حيدر بروهي۔عبدالستار منگي۔علي سرور۔عبداجبار بوزدار۔حڪيم معاذ معين چانڊيو۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

2020ع دوران اغوا جا 159 واقعا پيش آيا، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اغوا جي واقعن ۾ اضافو ٿيو: مراد شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ وڏي وزير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے