نڪور خبرون
Home / دنيا / ڪشمير ۾ ڀارتي فوج وڌيڪ 2 نوجوان شهيد ڪري ڇڏيا

ڪشمير ۾ ڀارتي فوج وڌيڪ 2 نوجوان شهيد ڪري ڇڏيا

سرينگر (مانيٽرنگ ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج وڌيڪ 2 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس(ڪي ايم ايس) موجب والاريل جمون ۽ ڪشمير جي ضلعي ڪولگام جي ياري پوره علائقي جي ڳوٺ چينگام گهارا ٽينڪ ۾ ڀارتي فورس ڪشميري نوجوانن کي نام نهاد سرچ آپريشن دوران شهيد ڪريو.ٻنهي نوجوانن کي گذريل رات ڀارتي فورس بربريت جو مظاهرو ڪندي فائرنگ ڪري شهيد ڪيو. ياد رهي ته ولاريل ڪشمير ۾ سيپٽمبر 2020 دوران قابض ڀارتي فوج 20 ڪشميرين کي شهيد ڪيو.2020 ۾ سرينگر، شوپيان، اننت ناگ، پلوامه ۾ مختلف 100 آپريشنن دوران 211 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪيو ويو. جڏهن ته مختلف واقعن ۾ 26 شهري به شهيد ٿيا. والاريل ڪشمير ۾ جاري آزادي واري تحريڪ ۾ سال 1988ع کان هينئر تائين گڏيل طور تي 40 هزار 750 شهرين کي شهيد ڪيو ويو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڄي دنيا ۾ 2022 تائين ڪورونا وائرس جو خاتمو ٿي ويندو: بل گيٽس

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملٽي نيشنل ٽيڪنالاجي مائيڪروسافٽ جي باني بل گيٽس چيو آهي ته سڄي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے