Home / پاڪستان / آءِ بي ۽ ايف آءِ اي سميت هر ادارو ريئل اسٽيٽ جي واپار ۾ ملوث ٿي چڪوآهي:هاءِ ڪورٽ

آءِ بي ۽ ايف آءِ اي سميت هر ادارو ريئل اسٽيٽ جي واپار ۾ ملوث ٿي چڪوآهي:هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته وفاقي راڄڌاني ۾ آءِ بي، ايف آءِ اي سميت هر ادارو ريئل اسٽيٽ جي واپار ۾ ملوث ٿي چڪوآهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله نيول فارمز ۽ نيوي سيلنگ ڪلب جي خلاف ڪيسن تي ٻڌڻي ڪئي. سي ڊي اي جي وڪيل ٻڌايو ته چيئرمين سي ڊي اي پنهنجو حلفي بيان جمع ڪرائي ڇڏيو آهي ته قانون موجب عمل ڪنداسين. چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته سي ڊي اي چيئرمين ذميوار آهي ۽ هن جو سندس ڪم ڪرڻ ڏيو، جيڪڏهن ڪجهه غلط ٿيو ته سي ڊي اي چيئرمين ۽ بورڊ ميمبر ذميوار هوندو، سي ڊي اي کي هر ڪيس ۾ چيو ويندو آهي ته قانون جي موجب هلو، سي ڊي اي قانون ته ماسٽر پلان موجب هو ۽ ماسٽر پلان ته هنن پاڻ تباهه ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ کي ڪمزور ڪيو، اسلام آباد ۾ قانون جي بالادستي ناهي، قانون رڳو ڪمزور جي لاءِ آهي، جيڪڏهن هن چوڏهن سئو اسڪوائر ميل ۾ قانون جي بالادستي ناهي ته پوءِ سڄي ملڪ ۾ به نه هوندي. وڪيل بابر ستار چيو ته نيول چيف کي واٽر اسپورٽس جو پيٽرن ان چيف بڻائڻ جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي، ڍنڍ ڪناري ڪنهن قسم جي اڏاوت قانون جي خلاف آهي، پاڪستان نيوي ڪا هائوسنگ سوسائٽي نٿي هلائي سگهي.چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته سڀ ڪري رهيا آهن آءِ بي ۽ ايف آءِ اي به هائوسنگ سوسائٽيز جو ڪم ڪري رهيون آهن، ان شهر ۾ هر ادارو ريئل اسٽيٽ جي واپار ۾ ملوث ٿي چڪو آهي. وڪيل بابر ستار جواب ڏنو ته سموريون سوسائٽيون غير قانوني قرار ڏنيون ويون آهن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته توهان اِهو چئي رهيا آهيو ته نيول هيڊ ڪوارٽرز ۾ هڪ ادارو آهي اُهو پرائيوٽ فنڊن کي به ڊيل ڪري رهيو آهي، هاڻ توهان ڳالهه کي وڌيڪ پيچيده ڪري رهيا آهيو، نيول فارمز جي بجلي استعمال ٿي رهي آهي ۽ اُتي ٻيا خرچ به اچن پيا، هن هاءِ ڪورٽ جي هڪ پيسي جا به اسان ذميوار آهيون. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان نيول فارمز جي وڪيل کي تياري لاءِ وڌيڪ وقت ڏيندي وڪيل نيول فارمز کي چيو ته جڏهن پاڪستان نيوي پرائيويٽ هائوسنگ سوسائٽي بڻائيندي ته نيول چيف سول ڪورٽ جي آڏو جوابدار هوندو، توهان اِهو چاهيو ٿا ته نيوي هائوسنگ سوسائٽي به بڻائي ۽ نيول چيف جوابدار به نه هجي، ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت کي قانون جي حوالن سان مطمئن ڪري ته ڪيئن پاڪستان نيوي هائوسنگ سوسائٽي بڻائي سگهجي ٿي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 17 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪي سياست ۾ ڦيرڦار ٿي سگهي ٿي، اپوزيشن جي جلسن سان ڪو فرق نه ٿو پوي: شيخ رشيد

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو اهي ته وزيراعظم عمران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے