Home / پاڪستان / اپوزيشن جي تحريڪ جو ڪوبه اخلاقي ۽ سياسي جواز نه آهي: وزير فواد چوڌري

اپوزيشن جي تحريڪ جو ڪوبه اخلاقي ۽ سياسي جواز نه آهي: وزير فواد چوڌري

اسلام آباد(مانيترنگ ڊيسڪ) اپوزيشن جي تحريڪ جو ڪوبه اخلاقي ۽ سياسي جواز نه آهي، ابو بچايو مهم کي ڏڦيڙ مهم ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اپوزيشن پارٽيز چونڊن ۾ شڪست کاڌي ته هاڻي 5 سال انتظار ڪري، اپوزيشن کان انتظار ان ڪري نه ٿي رهيو آهي جو جيل وڃي رهيا آهن، اسان کي جيل ۾ رکڻ جو ڪوبه شوق نه آهي، عوام جو لُٽيل پئسو واپس ڪن يا جيل ڀوڳين، حڪومت احتساب تان هٿ کنيو ته عوام ڳچي ۾ هٿ وجهندو، سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس دوران فواد چوڌري اپوزيشن کي مشورو ڏنو ته ايندڙ سال تائين تحريڪ ۽ جلسا ملتوي ڪن، اپوزيشن پارٽيز کي ڪورونا ۾ زندگين جو خيال رکڻ گهرجي، وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته اين سي او سي جي اجلاس ۾ ڪورونا جي حوالي سان اخلاقي ضابطو جوڙڻ جو فيصلو ٿيو، سمورين سياسي جماعتن کي گهرجي ته جلسا نه ڪن، اپوزيشن جهوريت جي نالي تي قانون کي هٿ ۾ نه کڻي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪي سياست ۾ ڦيرڦار ٿي سگهي ٿي، اپوزيشن جي جلسن سان ڪو فرق نه ٿو پوي: شيخ رشيد

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو اهي ته وزيراعظم عمران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے