Home / پاڪستان / ڀارت جو انتهاپسندي وارو چهرو دنيا اڳيان وائکو ٿي چڪو آهي: شبلي فراز

ڀارت جو انتهاپسندي وارو چهرو دنيا اڳيان وائکو ٿي چڪو آهي: شبلي فراز

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز جو چوڻ آهي ته هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ ڀارت جو انتها پسند چهرو سڄي دنيا جي آڏو بي نقاب ٿي رهيو آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير شبلي فراز جو چوڻ هو ته آمريڪي رسالي ” فارن پاليسي“ جي رپورٽ ڀارتي رياستي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي تي مهر ثابت ڪري ڇڏي آهي، اِها دهشتگردي خطي جي امن ۽ مضبوطي لاءِ سخت خطري جو سبب آهي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ ڀارت جو انتهاپسند چهرو سڄي دنيا جي آڏو بي نقابٿي رهيو آهي، ڀارت دنيا ۾ دهشتگردي جي سرپرست رياست طور سڃاتو پيو وڃي.ا

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪي سياست ۾ ڦيرڦار ٿي سگهي ٿي، اپوزيشن جي جلسن سان ڪو فرق نه ٿو پوي: شيخ رشيد

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو اهي ته وزيراعظم عمران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے