Home / تازا ترين / غيرجمهوري قوتون هر حق تي ڌاڙو هڻي رهيون آهن، سليڪٽيڊ جو وقت پورو ٿي ويو: بلاول

غيرجمهوري قوتون هر حق تي ڌاڙو هڻي رهيون آهن، سليڪٽيڊ جو وقت پورو ٿي ويو: بلاول

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سليڪٽيڊ حڪومت جا ڏينهن پورا ٿي ويا، عوام ۽ وڪيل برادري ساٿ ڏئي ته حڪومت جو خاتمو آڻينداسين، پ پ چيئرمين جي وڪيل برادري کي حڪومت مخالف تحريڪ ۾ شرڪت جي اپيل، بلاول ڀٽو چيو آهي ته غيرجمهوري قوتون هر حق تي ڌاڙو هڻي رهيون آهن، جڏهن اظهار جي آزادي نه هوندي ته پارليامينٽ رٻڙ اسٽيمپ رهندي ۽ ملڪي مسئلا حل نه ٿيندا، پيپلز پارٽي غير جمهوري قوتن اڳيان بيٺي آهي، گرفتاريون اسان لاءِ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، اسان عوام خاطر حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ لاءِ نڪتا آهيون، 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ تاريخي جلسو ڪيو ويندو، ڪراچي ۾ لايرز ڪلب جو افتتاح ڪرڻ بعد تقريب کي خطاب دوران بلاول ڀٽو چيو ته وڪيلن ضياء، ايوب ۽ مشرف خلاف جدوجهد ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو هو، هاڻي به جمهوريت لاءِ وڪيلن جي سهڪار جي ضرورت آهي، ملڪي تاريخ ۾ اهڙو نااهل ۽ نالائق وزيراعظم ڪڏهن به ناهي مليو، نااهل وزيراعظم کي گهر ڀيڙو ڪرڻ وارو ڏينهن پري نه آهي. ٻئي پاسي ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ پيپلز لايرز فورم جي تقريب دوران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي شرڪت، وڏو وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزير ۽ پ پ اڳواڻ به ساڻس گڏ موجود، سٽي ڪورٽ ٻاهران وڪيلن طرفان بلاول ڀٽو جي گُلن جي ورکا سان آجيان، جيئي ڀٽو، جيئي ڀٽو جا نعرا، بلاول ڀٽو جي آمد جي موقعي تي وڪيل برادري طرفان سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي قبضي خلاف مظاهرو، ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ بيٽ وفاق حوالي ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو، پيپلز لايرز فورم جي اڳواڻن وڪيلن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عوام خوف جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏيون آهن: مريم نواز

ڪوئيٽا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے