لاهور: (شوبز) گذريل ڏينهن پاڪستان جي پهرين ويب سيريز چڙيلز تي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي جنهن کي هاڻ هٽايو ويو آهي. پاڪستاني ويب سيريز چڙيلز هاڻ هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان ۾ ڀارتي چينل زي 5 تي ڏسي سگهجي ٿو.7 آڪٽوبر تي هدايتڪار عاصم عباس ٽوئٽ جي ذريعي مداحن کي ٻڌايو هو ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ ان جي ويب سيريز چڙيلز جي تعريف ڪئي پئي وڃي پر ان کي پاڪستان ۾ نشر ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. ڊائريڪٽر عاصم عباس سميت شوبز انڊسٽري سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي اداڪارن ۽ اداڪارائن طرفان به چڙيلز مٿان پابندي لاڳو ڪرڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو هو. هاڻ ويب سيريز چڙيلز کي پاڪستان ۾ هڪ دفعو ٻيهر ريليز ڪرڻ جي حوالي سان ڊائريڪٽر عاصم عباس پنهنجي انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن بندش ختم ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي وضاحت به ڪئي.هن ٻڌايو ته زي 6 جي بيان موجب اسان کي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي(پي ٽي اي) طرفان هدايت ڪئي وئي هئي جنهن کان پوءِ ويب سيريز کي پاڪستان ۾ ٻيهر رليز ڪيو ويو. ياد رهي ته ويب سيريز چڙيلز کي پاڪستان ۾ بند ڪرڻ جو ڪوبه سبب سامهون ناهي اچي سگهيو. جڏهن ته سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي صارفين جو چوڻ آهي ته ان ۾ موجود ڪجهه بولڊ سينن جي ڪري ئي ان کي بند ڪيو ويو هوندو.
