نڪور خبرون
Home / رانديون / حيدر علي ٽنهي فارميٽن ۾ پاڪستان جي نمائندگي جو خواهشمند

حيدر علي ٽنهي فارميٽن ۾ پاڪستان جي نمائندگي جو خواهشمند

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان بيٽسمين حيدر علي ٽنهي فارميٽن ۾ پاڪستان جي نمائندگي جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي حيدر علي چيو ڪوچ اعتماد ڪري ته رانديگر جا حوصلا بلند ٿي ويندا آهن، منهنجون نظرون پاڪستان لاءِ ٽئي فارميٽ کيڏڻ تي آهن، جيئن ڪيريئر جي شروعات ڪئي اٿم، ڪوشش آهي ته اهو سلسلو جاري رکان.انگلينڊ خلاف ڪيريئر جي پهرين ئي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ففٽي اسڪور ڪندڙ حيدر علي وڌيڪ چيو ته اڳ ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ سٺي پرفارمنس، پوءِ فرسٽ ڪلاس، پي ايس ايل ۽ انٽرنيشنل ڊيبيو تي ففٽي اسڪور ڪرڻ تي ڏاڍو خوش آهيان، پاڻ کي ڪنهن هڪ فارميٽ تائين محدود نٿو رکڻ چاهيان. هن چيو ته ڪنهن به نوجوان ڪرڪيٽر لاءِ ڪوچ جو اعتماد اهم هوندو آهي، ان سان رانديگر جو حوصلو بلند ٿيندو آهي، محمد وسيم ناردرن ڪوچ طور پنهنجي وڏي رهنمائي ڪئي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

بين اسٽوڪس پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز مان ٻاهر

لنڊن(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي جڳ مشهور آل رائونڊر بين اسٽوڪس پاڪستان خلاف جاري ٽيسٽ سيريز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے