Home / پاڪستان / بلوچستان ۾ پوليو وائرس جا 2 نوان ڪيس سامهون اچي ويا آهن

بلوچستان ۾ پوليو وائرس جا 2 نوان ڪيس سامهون اچي ويا آهن

ڪوئٽه (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان ۾ پوليو وائرس جا 2 نوان ڪيس سامهون اچي ويا آهن. صحت کاتي موجب ڪوئٽه جي علائقي چلتن ٽائون ۾ 4 سالن جي ٻار ۾ پوليو جي تصديق ٿي چڪي آهي.جڏهن ته پشين جي تعلقي برشوز ۾ 15 مهينن جي ٻار ۾ پوليو جي تصديق ڪئي وئي آهي. بلوچستان ۾ هلندڙ سال جي دوران پوليو ڪيسن جو انگ 23 ٿي ويو آهي.  پاڪستان ۾ هلندڙ سال هينئر تائين رپورٽ ٿيندڙ پوليو ڪيسن جو انگ 75 کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. جڏهن ته گذريل سال 147 ٻارن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي هئي.گذريل مهيني پنجاب جي پوليو کان بچاءُ واري پروگرام جي انچارج سندس ارشاد ٻڌايو هو ته ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس ٽائپ ون جي تصديق ٿي آهي.هن چيو ته هر مهيني 11 تاريخ تي پوليو وائرس جي لاءِ ماحولياتي سيمپلز ورتا ويندا آهن. ڪورونا وائرس سبب پوليو کان بچاءُ واري مهم ڪافي عرصي تائين رڪيل رهي جنهن سبب پوليو وائرس جي ڪيسن ۾ به واڌ ٿي آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪي سياست ۾ ڦيرڦار ٿي سگهي ٿي، اپوزيشن جي جلسن سان ڪو فرق نه ٿو پوي: شيخ رشيد

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو اهي ته وزيراعظم عمران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے