Home / پاڪستان / وزيراعظم اپوزيشن جي گجرانواله جلسي کي سرڪس قرار ڏئي ڇڏيو

وزيراعظم اپوزيشن جي گجرانواله جلسي کي سرڪس قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ٽائيگر فورس جي پورٽل جو افتتاح ڪري ڇڏيو، وزيراعظم اپوزيشن جي گجرانواله جلسي کي سرڪس قرار ڏئي ڇڏيو آهي، عمران خان ٽائيگر فورس کي خطاب ڪندي چيو ته گجرانواله ۾ گذريل رات سرڪس ٿي، اپوزيشن جي سرڪس ۾ وڏا وڏا فنڪار هئا، خبر ناهي اوهان جي سئي ڊيزل تي ڇو اٽڪي پئي آهي، ملڪ ۾ مهانگائي آهي، جنهن جا ڪيترائي سبب آهن، هن چيو ته مهانگائي وڌڻ جو هڪ ڪارڻ ڪورونا آهي، نفعي خورن طرفان ذخيرا اندوزي سبب مهانگائي ڪر کنيو، کاڄرو شين جي ذخيرا اندوزي سبب قيمتون وڌي ويون، کنڊ جون قيمتون شگرمل مالڪن وڌائي ڇڏيون، شگرملن جا مالڪ آصف ارداري ۽ نواز شريف آهن، اهي ٻئي ٻار پنهنجي پيئرن جي حرام جي ڪمائي تي پليا، انهن ٻنهي ٻارن اڄ تائين حلال جي ڪمائي ناهي کاڌي، ٽيم جي 12 هين رانديگر تي ڇا ڳالهائجي، گدڙ ٻاهر ويهي پاڪ فوج خلاف ڳالهائي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته هن آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر خلاف ڳالهايو، بدقسمتي سان ملڪي عدالتن هن شخص جي مدد ڪئي، نواز شريف آصف زرداري کي ٻه ڀيرا جيل موڪليو. هاڻي ڪنهن به چورکي اين آر او نه ڏينداسين، چورن کي ڪنهن به وي آءِ پي جيل ۾ نه رکيو ويندو، نئين پاڪستان سان نوان عمران خان به پيدا ٿي ويا، نوان عمران خان انهن چورن کي پڪڙي جيلن ۾ بند ڪندا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪي سياست ۾ ڦيرڦار ٿي سگهي ٿي، اپوزيشن جي جلسن سان ڪو فرق نه ٿو پوي: شيخ رشيد

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو اهي ته وزيراعظم عمران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے