نيويارڪ( پ ر)سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا طرفان نيويارڪ ۾ پاڪستاني قونصل خاني آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ نيويارڪ، نيوجرسي، ڪنيڪٽيڪٽ ۽ واشنگٽن ڊي سي مان وڏي انگ ۾ سانا ميمبر شريڪ ٿيا. ان موقعي ڳالهائيندي سانا جي انفارميشن سيڪريٽري ۽ سنڌ آئلينڊ ڪاميٽي جي ڪنوينر ذاڪر بُلو، صدارتي اميدوار خالد چنه، جنرل ، سنڌ جي مهان شاعر عبدالغفار تبسم ا, فرحان ڪاغذي چيو ته سنڌ سنڌين جو مادر وطن آهي ۽ سنڌ جا وسيلا ۽ ٻيٽ صرف سنڌ جي ملڪيت آهن. سنڌ جي ٻيٽن ۽ سامونڊي پَٽي تي قبضي لاءِ جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس جي رد ٿيڻ ۽ سنڌ جي ٻيٽن، وسيلن ۽ زمينن تان قبضن جي خاتمي تائين جدوجهد جاري رهندي. مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٻيٽن تي شهر اڏڻ رامسر ڪنوينشن جي ڀڃڪڙي آهي. نام نهاد ترقي ۽ ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ سان ماحوليات جي تباهي سان گڏ هزارين سالن کان آباد مهاڻا بي گهر ۽ بي روزگار ٿي ويندا. هنن چيو ته سنڌ جي معدني وسيلن جي لٽ ڦر، زمينن ۽ ٻيٽن تي قبضا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا. پاڪستان جي حڪمرانن کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي. سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ ملڪي سطح تي احتجاج سان گڏ اعليٰ ايوانن تائين احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. هن مظاهري ۾ مسعود انصاري، علي خاصخيلي، رمضان چانڊيو، قومي شاعر رياض سمون، علي حسن ڀٽو، راجا رياض ڊيهو، ربنواز اعواڻ، لياقت پنهور، سراج چانڊيو ۽ شير جوڻيجي سميت وڏي انگ ۾ سانا ميمبر شريڪ ٿيا.
