Home / رانديون / ٽي ٽوئنٽي بعد سڄو ڌيان ون ڊي جي تياري تي آهي: حارث رئوف

ٽي ٽوئنٽي بعد سڄو ڌيان ون ڊي جي تياري تي آهي: حارث رئوف

لاهور: (اسپورٽس نيوز) فاسٽ بالر حارث رئوف چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي کان پوءِ هاڻ  ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ نالو آيو آهي ته ڪوشش هوندي ته موقعو ملڻ تي سٺي پرفارم ڪريان.ورچوئل پريس ڪانفرنس ڪندي نوجوان فاسٽ بالر حارث رئوف چيو آهي ته تازو ٿيندڙ نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ سٺي  ڪرڪيٽ ٿي. سينئرز ۽ جونيئرز ڪافي مزو ماڻيو ۽ سڀني پنهنجي مهارت جو مظاهرو ڪيو ۽ ان کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ  لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي.حارث رئوف چيو ته پهريان مان ڊيتهه اوور ۾ بالنگ ڪندو هئس ۽ ان ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي پر هاڻ نئين بال تي ڪم شروع ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ مون کي بالنگ ڪوچ وقار يونس تمام گهڻو ڪجهه ٻڌايو آهي.هن چيو ته وقار يونس جي مشورن موجب محنت ڪري رهيو آهيان ۽ نئين بال سان  بالنگ ڪرڻ ۾ مهارت حاصل ڪري رهيو آهيان. نئين بال سان بالنگ ڪرڻ منهنجي لا3 نئين شيءَ آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

بين اسٽوڪس پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز مان ٻاهر

لنڊن(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي جڳ مشهور آل رائونڊر بين اسٽوڪس پاڪستان خلاف جاري ٽيسٽ سيريز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے