نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ملڪي سياست ۾ ڦيرڦار ٿي سگهي ٿي، اپوزيشن جي جلسن سان ڪو فرق نه ٿو پوي: شيخ رشيد

ملڪي سياست ۾ ڦيرڦار ٿي سگهي ٿي، اپوزيشن جي جلسن سان ڪو فرق نه ٿو پوي: شيخ رشيد

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو اهي ته وزيراعظم عمران خان سان ڳالهين جي لاءِ تيار آهيون پر هو اين آر او  ڪنهن کي به نه ڏيندو.وفاقي وزير پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 90 سيڪڙو قوم پاڪ فوج سان پيار ڪري ٿي جڏهن ته 10 سيڪڙو مايوس ماڻهو ناڪام ٿي ويا آهن. شڪست کاڌل ماڻهن جو اولاد پرڏيهي شهرت ۽ پاڻ اقامن تي آهن. هن چيو ته گذريل ڏينهن عمران خان جيڪو انٽرويو ڏنو ان تي اڄ سياسي پريس ڪانفرنس جي ضرورت نه هئي، عمران خان جي پوري ڪوشش آهي ته هو نوازشريف کي واپس آڻي.وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي سياست ۾ هيٺ مٿانهين ٿي سگهي ٿي ۽ 31 ڊسمبر کان 20 فيبروري تي ٻوهارو ڦيريو ويندو پر مان ٻڌايان ٿو ته عمران خان ڪيڏانهن به نه ويندو. هن چيو ته سياست ۾ صلاح مشورا ڪڏهن به ختم ناهن ٿيندا.پيپلز پارٽي بهترين طريقي سان کيڏي رهي آهي. اهڙو موقعو ايندو ته پيپلز پارٽي پي ڊي ايم سان ڪجهه معاملن تي متفق نه ٿيندي منهنجي دوست شهباز شريف اچي غلطي ڪئي. شيخ رشيد چيو ته جلسن سان  جيڪڏهن حڪومتون وڃن ها ته پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي اءِ) 126 ڏينهن ڌرڻو هنيو هو.هن چيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي فون ڪري  وڏ ماڻهپي جو مظاهرو ڪيو. پاڪ فوج ۽ جمهوري حڪومت هڪ پيج تي آهن پر ادارن سان ٽڪراءُ سياست کي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دهشتگردي جا واقعا وڌي رهيا آهن، ايران بارڊ تي به لوهي پتر ڏني ويندي: شيخ رشيد

اسلام آباد: (م ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے