Home / پاڪستان / ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عوام خوف جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏيون آهن: مريم نواز

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عوام خوف جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏيون آهن: مريم نواز

ڪوئيٽا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان پنج سال ته ڇا 2020ع جو سال به پورو نه ڪندو.ڪوئيٽا ۾ تقريب کي خطاب دوران مريم نواز چيو ته پي ڊي ايم جي 11 پارٽين خوف کان آزاد ٿي اتحاد ڪيو، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عوام خوف جو زنجيرون ٽوڙيون، نواز شريف ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هنيو، نواز شريف جو آواز سڄي ملڪ ۾ گونجي رهيو آهي، عوام الله کان پوءِ نواز شريف کي مسيحا جي صورت ۾ ڏسي رهيو آهي.مريم نواز چيو ته گجرانوالا جلسي ۾ نواز شريف چشم ڪشا تقرير ڪئي، نواز شريف چيو ته رياست جي مٿان رياست نه هئڻ گهرجي، ڪراچي ۾ هوٽل تي حملو ڪيو ويو، آءِ جي کي کڻڻ کان پوءِ ثبوت ڏنو ويو ته رياست جي مٿان رياست ڇا هوندي آهي، سنڌ پوليس موڪل جي درخواست ڏني ۽ چيو ته اهڙين حالتن ۾ ڪم نٿا ڪري سگهون، اسان کي سنڌ حڪومت جي مينڊيٽ جو احترام آهي، ڪراچي واقعي کان پوءِ عمران خان حڪومتي منظر نامي تان غائب آهي، هن کي به خبر ناهي ڪنهن ڇا ڪيو.مريم نواز جو چوڻ هو ته جلسي ۾ سيڪيورٽي جي ذميواري حڪومت جي آهي، ڪو به اڻوڻندڙ واقعو ٿيو ته حڪومت ذميوار هوندي، اسان اڄ جلسو ملتوي ڪيون ته ٿا سيڪيورٽي جو خطرو ختم ٿي ويندو؟ عمران نيازي کي اڪثريت نه عسڪريت جي سپورٽ هئي جيڪا به ختم ٿي رهي آهي، عمران خان 15 جنوري کان پهرين استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو.لاهور ۾ ڪوئيٽا روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز جو چوڻ هو ته ڪراچي واقعو روز روشن جيان واضح آهي، سمورين حالتن جي سڌي سنئين رپورٽنگ ٿي، ان تي انڪوائري جي ضرورت ناهي سڀني کي خبر آهي، واقعي جي انڪوائري جو حق سنڌ حڪومت جو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور (بيورو رپورٽ) پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے