Home / پاڪستان / ڪرائي جا سليڪٽڊ ترجمان آئين جي موقف کي غداري جو موقف چئي رهيا آهن: مريم اورنگزيب

ڪرائي جا سليڪٽڊ ترجمان آئين جي موقف کي غداري جو موقف چئي رهيا آهن: مريم اورنگزيب

اسلام آباد  (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب شهباز گل  وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته ڪرائي جا سليڪٽڊ ترجمان آئين جي موقف کي غداري جو موقف چئي رهيا آهن سليڪٽڊ ٽولي کي آئين ۽ ووٽ چوري ۾ هاڻي اين آر او نه ملندو پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هڪ نوازشريف سان دشمني ۾ سڄو ملڪ داءُ تي لڳائي ڇڏيو پي ڊي ايم ملڪ آئين ۽ عوام کي سليڪٽڊ ۽ ڪرپٽ ٽولي کان بچائڻ نڪتا آهيون ۽ انشاءالله بچائي سک سان ويهدناسين هنچيو ته هڪ سليڪٽڊ، نالائق نااهل ۽ ڪرپٽ شخص کي 2018 ۾ آر ٽي ايس ويهاري مڙهيو ويو ۽ ملڪ جي معيشت ۽ روزگار تباهه ڪيو هن چيو ته هڪ سليڪٽڊ شخص کي آئين ۽ ووٽ چوري ڪري ملڪ تي مڙهيو ويو جنهن جيسزا عوام ڀوڳي رهي آهي شهباز گل کي فواد چوڌري جي اسيمبلي ۾ موقف جي وضاحت ڏيڻ گهرجي. جيڪو ملڪ دشمن آهي واضح ۽ تسليم ٿيل حقيقت آهي ته پلواما واقعي سان پاڪستنا جو ڪوبه تعلق نه آهي هن چيو ته ڪابينه جو وزير حقيقت جي ابتڙ بيان ڪيئن ڏيئي سگهي ٿو فواد چوڌري جو پاڪستان جي موقف جي خلاف بيان سواليه نشان آهي هن چيو ته ڪنهن جي حڪم تي هن قومي سلامتي جي خلاف بيان ڏنو ڀارت فواد چوڌري جي بيان کي بنياد بڻائي پاڪستان جي خلاف ايف ٽي ايف وڃڻ جو اعلان ڪري رهيو آهي ان جو ذميوار ڪير آهي هن چيو ته سڄي دنيا ۽ ڀارتي ميڊيا ۾ فواد چوڌري جي بيان جي ڪري پاڪستان جي موقف کي نقصان پهتو ان جو ذميوار ڪير آهي هن چيو ته ان بيان تي عمران صاحب ۽ ان جي پوري حڪومت جي زبان تي تالو ڇو لڳي ويو آهي سليڪٽڊ ٽولي ۽ ڪرائي جي ترجمانن جي غيرذميواراني بيانن جي ڪري قومي سلامتي جو بحث تڪراري ٿئي ٿو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان ملڪي سياست، جمهوريت ۽ پاڻ تي رحم ڪري: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے