Home / پاڪستان / اسان جي سياسي سوچ مختلف ٿي سگهي ٿي پر پاڪستان جي ڳالهه اچڻ تي سڄي قوم هڪ آهي :اياز صادق

اسان جي سياسي سوچ مختلف ٿي سگهي ٿي پر پاڪستان جي ڳالهه اچڻ تي سڄي قوم هڪ آهي :اياز صادق

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ اياز صادق چيو آهي ته حڪومت سياسي ويڙهه ۾ پاڪ فوج کي شامل نه ڪري، جڏهن ته مان اهڙي ڪا ڳالهه ناهي ڪئي، جنهن تي معذرت ڪيان. لاهور ۾ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اياز صادق چيو ته اسان جي معاشري ۾ هر قسم جي ڳالهه ڪندڙ ۽ هر قسم جي سوچ رکندڙ ماڻهو موجود آهن، اسان جي سياسي سوچ مختلف ٿي سگهي ٿي پر پاڪستان جي ڳالهه اچڻ تي سڄي قوم هڪ آهي، ڀارت پنهنجي ناپاڪ ادارن ۾ ڪڏهن ڪامياب نه ٿي سگهندو. هن چيو ته منهنجي ڳالهه سان اختلاف ٿي سگهي ٿو پر سياسي ڳالهه کي جيڪو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان سان پاڪستان کي موقف کي فائدو نه ٿيو پر سليڪٽڊ حڪومت ڀارت ۾ تخليق ڪيل ناڪام موقف کي هٿي ڏيڻ جي ڪوشش آهي. سندس چوڻ هو ته مان قومي اسيمبلي ۾ جيڪو بيان ڏنو، اهو حڪومت بابت هو پر حڪومتي ماڻهن منهنجي بيان کي پاڪ فوج سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي، اها ڏسي ۽ ٻڌي سگهجي ٿي، مان پنهنجي موقف تي اڄ به قائم آهيان ته انهن ماڻهن ائين ڪري پاڪستان جي ڪا خدمت نه ڪئي. اياز صادق چيو ته اسان کي هن سليڪٽڊ حڪومت سان سخت اختلاف آهي ۽ رهندو پر نه مون کي ۽ نه ڪنهن ٻئي کي حق آهي ته اهو ڪنهن کي غدار چئي، هن نالائق حڪومت بابت چوڻ چاهيندس ته جيڪا ويڙهه وڙهڻي اٿَو ضرور وڙهو پر ان ويڙهه ۾ فوج کي شامل نه ڪيو. اڳوڻي قومي اسيمبلي اسپيڪر چيو ته مون وٽ وڏا راز آهي، قومي سلامتي ڪميٽي جي سربراهي ڪندو آهيان پر ڪڏهن به غير ذميواراڻو بيان نه ڏنو ۽ نه ڏيندس، اسان سياسي ماڻهو آهيون سياست ڪنداسين پر ڪڏهن به پاڪستان مخالف ڳالهه نه ڪنداسين ۽ جڏهن به پاڪستان جي ڳالهه ٿيندي ته اختلافن باوجود اسان سڀ هڪ آهيون. پنهنجي بيان تي معافي جي سوال تي اياز صادق چيو ته جڏهن ڪو غلط بيان ڏنو ئي ناهي ته معافي ڇا جي؟ اڳ به وضاحت ڪري چڪو آهيان ۽ هاڻ به ڪري رهيو آهيان ته ڪا غلط ناهي ڪئي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور (بيورو رپورٽ) پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے