Home / پاڪستان / پاڪستان جي رياست جمهوريت جي پيٽرول سان هلندي مارشل لا جي ڊيزل سان نه:احسن اقبال

پاڪستان جي رياست جمهوريت جي پيٽرول سان هلندي مارشل لا جي ڊيزل سان نه:احسن اقبال

ڪنري (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان جي رياست جمهوريت جي پيٽرول سان هلندي مارشل لا جي ڊيزل سان نه. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ڪنري ڀرسان ڳوٺ ۾ ورڪرز  ڪنونشن کي خطاب ڪندي احسن اقبال جو چوڻ هو ته لاهور ۾ وزير اعظم تقرير ۾ چيو ته پي ڊي ايم ۾ شاهينگ گڏ ٿيا آهن جڏهن ته عمران نيازي سان کان وڏو چور ڪير هوندو، جنهن ووٽ چوري ڪيا ۽ آر ٽي ايس سسٽم جي ذريعي مينڊيٽ چوري ڪيو. سندس چوڻ هو ته نواز شريف اونداهه کي روشني ۾ تبديل ڪيو، چار سالن دوران 11 هزار ميگا واٽ جا منصوبا شروع ڪيا، دهشتگردي جو خاتمو ڪيو، ڪراچي جو امن پاڪستان جي ڪرڪيٽ ۽ پي ايس ايل بحال ڪيو، اِهو ئي امن قائم ڪرڻ اسان جو ڏوهه آهي، هن چيو ته ن ليگ پاڪستان ۾ سي پيڪ جو منصوبو شروع ڪيو، چار سالن ۾ 29 ارب جا منصوبا گڏ ڪري ڏيکاري ، هي 72 سالن ۾ سڀ کان وڏو چور وزير اعظم آهي، عالمي سازش جي تحت نواز شريف جي حڪومت جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، سي پيڪ جي دشمنن نواز حڪومت جو خاتمو ڪيو. ان موقعي تي اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل خطاب ڪندي چيو ته ماڻهو ٻڌائن ته نواز شريف جي دور ۾ زندگي بهتر هئي يا هاڻ آهي، نواز شريف دور ۾ کنڊ 52 رپيا ۽ اٽو 35 رپيا هو پر اڄ کنڊ 115 رپيا ۽ اٽو 75 رپيا في ڪلو پيو ملي، مهانگائي جو سبب هي چور حڪومت آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور (بيورو رپورٽ) پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے