Home / پاڪستان / پي ڊي ايم کي به اياز صادق جي بيانيي ۾ ملوث سمجهون ٿا: شبلي فراز

پي ڊي ايم کي به اياز صادق جي بيانيي ۾ ملوث سمجهون ٿا: شبلي فراز

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اياز صادق جي بيان تي لازمي احتساب ٿيندو، ڪابه رعايت نه ڪنداسين، پي ڊي ايم جي سموري قيادت کي به اياز صادق جي بيانيي ۾ ملوث سمجهون ٿا، ايندڙ ڏينهن ۾ خبر پئجي ويندي ته حڪومت ڪهڙا قانوني قدم کڻي رهي آهي، سڌ سماءَ واري وفاقي پي ڊي ايم تي ڇتي تنقيد سان گڏ نواز ليگ کي ختم ڪري مسلم ليگ پاڪستان ٺاهڻ جو مشورو ڏئي ڇڏي، شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ ۾ سياسي بدمعاشن لاءِ ڪابه گنجائش نه آهي، پي ڊي ايم پنهنجي بيانيي ذريعي دُنيا ۾ پاڪستان جي ساک کي ڇيهو رسايو، ادارن ۾ ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، عوام کين ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندو، پي ڊي ايم وارا پنهنجي بيانيي سان ملڪ کي عدم استحڪام ۾ ڌڪڻ گهرن ٿا، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران شبلي فراز چيو ته وزيراعظم واضح ڪري چڪو آهي ته ڪرپشن ۽ اين آر او کانسواءِ ٻين معاملن تي اپوزيشن سان ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، نواز ليگ جا سينيئر اڳواڻ به اسان سان رابطن ۾ آهن، ٻڌو آهي ته عبدالقادر بلوچ جا به پارٽي قيادت سان اختلاف پيدا ٿي ويا آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور (بيورو رپورٽ) پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے