نئين دهلي: (شوبز) اسلام جي خاطر شوبز جي دنيا کان پاسيرو رهندڙ اداڪاره ثنا خان چيو آهي ته فرانسيسي صدر ميڪرون کي واقعي دماغي معائني جي ضرورت آهي.مشهور فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي ثنا خان هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن تي هڪ قرآني آيت به لکيل آهي ۽ ان سان گڏ ئي آيت جو ترجمو به لکيل آهي. انسٽاگرام تي شيئر ڪيل تصوير سان گڏ ڪيپشن ۾ اڳوڻي اداڪاره لکيو آهي ته اسان جي پياري نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي توهين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. هن لکيو آهي ته اظهار جي آزادي هر هڪ جو حق آهي پر اوهان ڪنهن خاص فرقي جي توهين يا بيعزتي نٿا ڪري سگهو.ثنا خان فرانسيسي صدر ميڪرون کي مخاطب ٿيندي لکيو آهي ته اوهان هڪ اڳواڻ جي حيثيت سان بدترين مثال آهيو ۽ اوهان کي يقيني طور تي دماغي معائني جي ضرورت آهي. پنهنجي پوسٽ جي آخر ۾ هن لکيو آهي ته اچو ته اسان سڀئي گڏجي (فرانس) جي شين جو وڌ کان وڌ بائيڪاٽ ڪريون.اڳوڻي اداڪاره پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي اها پوسٽ 16 ڪلاڪ اڳ شيئر ڪئي هئي جنهن کي هينئر تائين هزارين مداح لائيڪ ڪري چڪا آهن جڏهن ته ان جي هن پوسٽ تي صارفين طرفان تبصرن جو سلسلو به جاري آهي.واضح رهي ته ان کان اڳ ثنا خان پنهنجي هڪ وڊيو شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ هن مداحن کي ٻڌايو هو ته اها ڪهڙي هڪ دعا آهي جيڪا هن لاڳيتو پڙهي جنهن کان پوءِ ان جي زندگي بدلجي وئي.
