Home / تازا ترين / سنڌ اندر ڪورونا وائرس جي نئين لهر وڌيڪ 19 حياتيون کسي ورتيون: مراد علي شاهه

سنڌ اندر ڪورونا وائرس جي نئين لهر وڌيڪ 19 حياتيون کسي ورتيون: مراد علي شاهه

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سنڌ اندر ڪورونا وائرس جي نئين لهر وڌيڪ 19 حياتيون کسي ورتيون جڏهن ته فوتين جو ٽوٽل انگ وڌي 2799 تائين پهچي ويو آهي ۽ 12775 نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 1276 نوان ڪيس ظاهر ٿيا. وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ هن چيو ته وڌيڪ 19 مريض پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 2799 ٿي ويو آهي جيڪا 1.8 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 12975 نمونن جي جانچ ڪئي وئي جن مان 1276 ڪيس پڌرا ٿيا جيڪي موجوده تشخيصي شرح جو 10 سيڪڙو آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 1872262 ٽيسٽ ٿي چڪا آهن ان جي نتيجي ۾ 161028 ڪيس ظاهر ٿيا آهن جنهن ۾ 90 سيڪڙو يعني 145143 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 827 مريض پڻ شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن وقت 13086 مريض علاج هيٺ آهن جن ۾ 12537 گهرن ۾، 9 آئسوليشن سينٽرن ۽ 544 مريض مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 446 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي ۽ 48 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. مراد علي شاهه چيو ته 1276 نون ڪيسن مان 929 ڪراچي سان تعلق رکندڙ آهن جنهن ۾ ضلع ڏکڻ 333، ضلع اوڀر 273، ضلع مرڪز 94، ضلع اولهه 92، ضلع ڪورنگي 75 ۽ ضلع ملير 62 شامل آهن جڏهن ته حيدرآباد 130، عمرڪوٽ 36، جيڪب آباد 24، گهوٽڪي 18، سکر ۽ ٽنڊو الهيار 17-17، قمبر 15، لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور 12-12، دادو 6، شهيد بينظير آباد 5، ٺٽو 4، ڄامشورو ۽ سانگهڙ 2-2، خيرپور ۽ بدين تي 1-1 ڪيس آهن. وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڏنو ته اهي پاڻ سمت پنهنجن گهرڀاتين کي ڪورونا وائرس کان بچائڻ لاءِ ايس او پيز تي عمل ضرور ڪن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور (بيورو رپورٽ) پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے