Home / پاڪستان / عمران خان نيب کان پوءِ اينٽي ڪرپشن کي به انتقامي ادارو بڻائي ڇڏيو آهي: احسن اقبال

عمران خان نيب کان پوءِ اينٽي ڪرپشن کي به انتقامي ادارو بڻائي ڇڏيو آهي: احسن اقبال

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) پاڪستان جي ترقي جي علامت آهي سليڪٽڊ حڪومت ملڪ کي اونداهي ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي پي ڊي ايم جي تحريڪ هر پاڪستاني جو آواز آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن مسلم ليگ (ن) جي پنجاب جي تنظيمي اجلاس ۾ خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پنجاب جهو صدر رانا ثناءُالله خان، جنرل سيڪريٽري اويس لغاري سميت ٻين به شرڪت ڪئي احسن اقبال پنجاب جي عهددارن ۾ نوٽيفڪيشن به ورهايا احسن اقبال پنجاب جي تنظيم سازي مڪمل ٿيڻ تي پنجاب جي عهديدارن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي پارٽي جو تنظيمي طور تي فعال ٿيڻ سياست ۽ پارٽي لاءِ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو ڪارڪن اسان جو اثاثو آهن ۽ کين هر سطح تي عزت ۽ احترام ڏينداسين هن چيو ته مسلم ليگ (ن) پاڪستان جي ترقي جو اهڃاڻ آهي. رانا ثناءُالله خان چيو ته تنظيم سازي جو فرض مڪمل ٿيڻ تي اطمينان ٿيو آهي سمورن عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي مبارڪون ڏنيون ٿا. تنظيمي سرشتو ووٽ کي عزت ڏيو جي تحريڪ ۾ هر اول دستو ثابت ٿيندو اجلاس ۾ 4 ٺهراءُ به منظور ڪيا ويا هڪ ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو ته اجلاس پارٽي اڳواڻ ميان نوازسريف جي جلد صحتيابي لا3 دعاگو، پارٽي قيادت جو گڏيل فيصلو اهي ته نوازشريف پنهنجو علاج مڪمل ڪرائي وطن واپس اچي، نوازشريف جو موقف سڄي قوم جو موقف بڻجي چڪو آهي نوازشريف قوم کي هڪ نئين سوچ ۽ نظريو ڏنو آهي ٻئي ٺهراءُ جي ذريعي شهباز شريف ۽ پنجاب اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ حمزه شهباز سان جيل ۾ انتقامي ڪارروائين جي مذمت ڪندي چيو ويو ته شهبازشريف ۽ حمزه شهباز کي جيل ۾ طبي سهولتون نه ڏيڻ تي ڳڻتي آهي. مطالبو آهي ته شهبازشريف کي اسپتال پهچيو وڃي ۽ حمزه شهباز کي استحقاق مطابق طبي سهولتون ڏنيون وڃن اجلاس ۾ منظور ڪيل ٽئين ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته اينٽي ڪرپشن پاران ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي خلاف انتقامي ڪارروايون مذمت جوڳو عمل آهي ڊي جي اينٽي ڪرپشن وزيراعظم جي دٻاءُ ۾ اچي ليگي اڳواڻن جي خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهي رهيو آهي عمران خان نيب کان پوءِ اينٽي ڪرپشن کي به انتقامي ادارو بڻائي ڇڏيو آهي اينٽي ڪرپشن جو ڪم سرڪاري ملازمن ۽ صاحب اقتدار ماڻهن جي ڪرپشن کي روڪڻ آهي پر ڊي جي اينٽي ڪرپشن مخالف ڌر کي ڌٻائڻ لاءِ ڪوڙا ۽ پراڻا ڪيس ٺاهي رهيو آهي مطالبو آهي ته اينٽي ڪرپشن ليگي اڳواڻن جي خلاف انتقامي ڪارروائين جو سلسلو بند ڪري اجلاس ۾ منظور ڪيل چوٿين ٺهراءُ ۾ وڌندڙ مهانگائي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ويو ته اٽو، کنڊ، گيهه، ڌاليون ۽ سبزيون عام ماڻهن جي پهچ کان پري ٿي چڪيون آهن حڪومت پگهارن ۾ واڌ نه ڪري سرڪاري ملازمن سميت پورهيت طبقي سان وڏو ظلم ۽ ناانصافي ڪئي آهي وفاقي ۽ پنجاب حڪومت عام ماڻهن کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور (بيورو رپورٽ) پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے