Home / پاڪستان / ڪورونا وائرس جي ٻي لهر ۾ شدت، 36 ڄڻا فوت، 2 هزار 738 نوان ڪيس رپورٽ

ڪورونا وائرس جي ٻي لهر ۾ شدت، 36 ڄڻا فوت، 2 هزار 738 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد  (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسن جو انگ 33 هزار کان ٽپي ويو جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 36 ڄڻا ڪورونا وائرس جي ڪري فوت ٿي ويا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جا 2 هزار 738 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ گڏيل ڪيسن جو انگ 3 لک 68 هزار 665 ٿي ويو. اين سي او سي موجب فعال ڪيسن جو انگ وڌي 33 هزار 562 ٿي ويو جڏهن ته هن وقت تائين ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 3 لک 27 هزار 542 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 36 فوتگيون رپورٽ ٿيون جنهن کان پوءِ فوتين جو گڏيل انگ 7 هزار 561 ٿي ويو. سنڌ ۾ مريضن جو انگ 1 لک 59 هزار 752، پنجاب ۾ 1 لک 12 هزار 893، خيبرپختونخواهه ۾ 43 هزار 359، اسلام آباد ۾ 25 هزار 719، بلوچستان ۾ 16 هزار 642، آزاد ڪشمير 5 هزار 806 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 494 انگ ٿي ويو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور (بيورو رپورٽ) پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے