Home / پاڪستان / ڪورونا جا وار تيز، 3 هزار ڪيس رپورٽ ، 59 متاثر مريض فوت

ڪورونا جا وار تيز، 3 هزار ڪيس رپورٽ ، 59 متاثر مريض فوت

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 3 هزار ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته 59 متاثر مريض فوت ٿي ويا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 هزار 9 ڪيس رپورٽ جڏهن ته وڌيڪ 59 فوتگيون سامهون آيون. جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو انگ 3 لک 28 هزار 892 ۽ گڏيل فوتگين جو انگ 7 هزار 803 ٿي ويو. اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 41 هزار 583 ڪورونا وائرس جون ٽيسٽون ڪيون ويون، ملڪ ۾ فعال ڪيسن جو انگ 42 هزار 115 آهي. ملڪ ۾ صحتياب ٿيلن جو انگ 3 لک 32 هزار 974 آهي. اين سي او سي موجب سنڌ ۾ مريضن جو انگ 1 لک 66 هزار 330 ٿي ويو، پنجاب ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 1 ڪل 15 هزار 786، خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ 45 هزار 314 ۽ اسلام آباد ۾ 27 هزار 979 ۽ بلوچستان ۾ 16 هزار 891 آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان ملڪي سياست، جمهوريت ۽ پاڻ تي رحم ڪري: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے