Home / تازا ترين / ايم ڪيو ايم لندن جا مبينه 5 دهشتگرد گرفتار ، ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث

ايم ڪيو ايم لندن جا مبينه 5 دهشتگرد گرفتار ، ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سي ٽي ڊي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ٽارگيٽيڊ ڪارروايون ڪندي ڀارت مان سکيا ورتل ايم ڪيو ايم لنڊن جي مبينه پنج دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ان حوالي سان سي ٽي ڊي جي انچارج انويسٽيگيشن مظهر مشواني ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن ۾ محمد علي عرف علي عرف گهبٽي، سلمان عرف ڌوٻي، اختر، عمير الله عرف ڊان ۽ شهزاد بليڪ شامل آهن هن ٻڌايو ته ڪراچي جي  ٽن مختلف علائقن ۾ ڇاپن ۾ گرفتار پنج جوابدار ڪيترن ئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث ۽ گهربل هئا گرفتار جوابدارن اجمل پهاڙي ۽ ڪاشف ڊيوڊ سان ڀارت ۾ سکيا ورتي ايم ڪيو ايم لندن ٽارگيٽ ڪلر کي انڊيا وسن گنج ۾ ٽريننگ ڏني ويئي هئي هن ٻڌايو ته انڊين را کان سکيا ورتل ٽارگيٽ ڪلر محمد علي گهبٽي اجمل پهاڙي جو ويجهو ساٿي هو جوابدار 1995 کان 2005 تائين ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث رهيو هو اڳ ۾ لثاني وڳوڙ ۽ دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ جيل وڃي چڪو آهي هن ٻڌايو ته 1997 ۾ محمد علي پوليس اهلڪار جو اورنگي ۾ قتل ڪيو 1997 ۾ جوابدار اورنگي ۾ فيصل عرف پراٺا کي قتل ڪيو سي ٽي ڊي انچارج ٻڌايو ته 2005 ۾ شارع نورجهان تي جوابدار سني تحريڪ جي ڪارڪن کي قتل ڪيو ڪارروائي ۾ سلمان، عمير ۽ شهزاد بيڪ گرفتار ٿيا مظهر مشواڻي وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار 2010 کان 2012 تائين دهشتگردي ۾ ملوث رهيا جوابدارن جي خلاف جمشيد ڪوارٽر، فيروزآباد، پاڪ ڪالوني ۽ مومن آباد ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان ملڪي سياست، جمهوريت ۽ پاڻ تي رحم ڪري: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے