Home / تازا ترين / ڀارت جي 5 آگسٽ وارن قدمن کان پوءِ سيڪيورٽي صورتحال وڌيڪ نازڪ ٿي ويئي آهي: پاڪستان

ڀارت جي 5 آگسٽ وارن قدمن کان پوءِ سيڪيورٽي صورتحال وڌيڪ نازڪ ٿي ويئي آهي: پاڪستان

نيويارڪ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ڀارت جي رياستي دهشتگردي جي اڻ ترديد جوڳن ثبوتن تي ٻڌل ڊوزيئر گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس کي پيش ڪري ڇڏيو نيويارڪ ۾ قائم گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم يو اين جنرل سيڪريٽري سان ملاقات ڪئي ۽ کيس پاڪستان ۾ دهشتگردي جي سرگرمين ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ بابت بريف ڪيو منير اڪرم گڏيل قومن جي سربراهه کي پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن جي رٿابندي ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جي حوالي کان آگاهه ڪيو ۽ ان کي نوٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو جنهن کان پوءِ هڪ ورچوئل نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پاڪستاني نمائندي چيو ته ڀارت، پاڪستان ۽ خطي ۾ دهشتگردي اسپانسر ڪري رهيو اهي ۽ پاڪستاني معيشت کي تباهه ڪرڻ چاهي پيو هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٽيم به پاڪستان ۾ ڀارتي دهشتگردي جي جاچ ڪري رهي آهي. جيڪا گڏيل قومن جي چارٽر ۽ پرڏيهي قانونن جي ڀڃڪڙي  آهي. منير اڪرم چيو ته ڀارتي دهشتگردي بابت پاڪستاني ڊوزيئر گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبر ملڪن جي حوالي به ڪيو ويندو. هن چيو ته ڀارت لائن آف ڪنٽرول تي مسلسل جنگبندي جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث آهي ۽ پاڪستان هر قسم جي ڀارتي اڳرائي جي خلاف پنهنجي دفاع جو پورو حق رکي ٿو پاڪستاني نمائندي چيو ته ڀارت پاڪ چين اقتصادي راهداري کي ناڪام ڪرڻ ۾ به ملوث آهي جيڪو پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار جو مالڪ آهي خانگي ٽي وي سان ڳالهائندي منير اڪرم چيو ته ڀارت وٽ پنهنجي دفاع لاءِ ڪجهه نه آهي اسان جي ڊوزيئر ۾ ثبوت پيش ڪيا ويا آهن جن کي رد نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ڀارت جا الزام ڪمزور آهن ۽ نه ئي ان جا ثبوت آهن اسان جي خطي ۾ ڳچ عرصي کان صورتحال غير مستحڪم آهي ۽ ڀارت جي 5 آگسٽ وارن قدمن کان پوءِ سيڪيورٽي صورتحال وڌيڪ نازڪ ٿي ويئي آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري ۽ سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن کي ان جو اندازو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي دنيا سامهون آهي: شهباز شريف

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته نه مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے