Home / پاڪستان / پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطح تي آفيسرن جون ترقيون، بدليون ۽ مقرريون

پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطح تي آفيسرن جون ترقيون، بدليون ۽ مقرريون

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطح تي آفيسرن جون ترقيون، بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٻڌايو ته فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. هن لکيو ته جن ميجر جنرلز ترقي ماڻي آهي، انهن ۾ ميجر جنرل اختر نواز، ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات، ميجر جنرل آصف غفور، ميجر جنرل سلمان فياض غني، ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي شامل آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ ٽوئيٽس ۾ پاڪ فوج ۾ ٿيندڙ بدلين ۽ مقررين بابت به آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته ليفٽيننٽ جنرل محمد عبدالعزيز کي ڪو ڪمانڊر لاهور، ليفٽيننٽ جنرل محمد وسيم اشرف کي ڪور ڪمانڊر ملتان، ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم کي ڪور ڪمانڊر ڪراچي، ليفٽيننٽ جنرل خالد ضيا ڪور ڪمانڊر بهاولپور، ليفٽيننٽ جنرل سرفراز ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ۽ ليفٽيننٽ جنرل محمد علي ڪمانڊر اي ايس ايف سي مقرر ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان کي انسپيڪٽر جنرل آرمز مقرر ڪيو ويو آهي، اهڙي ريت ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايوالوشن، ليفٽيننٽ جنرل سردار حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور کي انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي مقرر ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ترقي ماڻيندڙن ۾ شامل آصف غفور آءِ جي آءِ ايس پي آر طور خدمتون به انجام ڏئي چڪو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اپوزيشن ناٽڪ پئي ڪري ته ملڪ تباهه ٿي ويو، اسان صبر ڪيو اڍائي سال گذري ويا:عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) کنڊ، قبضا ۽ سياسي مافيا مفادن جي تحفظ لاءِ جنگ وڙهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے