Home / پاڪستان / ملڪ اندر مڪمل لاڪ ڊائون نه ڪنداسين، اپوزيشن عوام جون حياتيون خطري ۾ نه وجهي: وزيراعظم

ملڪ اندر مڪمل لاڪ ڊائون نه ڪنداسين، اپوزيشن عوام جون حياتيون خطري ۾ نه وجهي: وزيراعظم

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماڻهن کي بُک کان بچائڻو آهي، ملڪ اندر مڪمل لاڪ ڊائون نه ڪنداسين، اپوزيشن ڀلي جيترا به جلسا ڪري کين اين آر او نه ملندو. اپوزيشن عدالتي حڪم تي عمل ڪري ۽ عوام جون حياتيون خطري نه وجهي. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، احتياط نه ڪرڻ جِي صورت ۾ وڏَي نقصان جو خدشو آهي، عالمن سڳورن سميت هر طبقي کي اپيل آهي ته ايس او پيز کي نظرانداز نه ڪيو وڃي، گڏجي وائرس جو مقابلو ڪرڻو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڪورونا سبب اڳ ئي غريبن کي معاشي نقصان پهتو آهي، وڌيڪ نقصان پهچائڻ کان بچائڻ لاءِ سندن روزگار بند نه ڪيو ويندو. عمران خان چيو ته جلد لاهور ۾ موجود قبضي مافيا جون رڙيون ٻڌندئو، اسان پوري طرح قبضا گروپ جي پويان وڃي رهيا آهيون،  ماضي ۾ انتظاميا قبضي مافيا کي هٿي ڏني. اڄ پاڪستان جنهن جڳهه تي بيٺل آهي ماضي ۾ ڪڏهن به نه پهتو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اپوزيشن ناٽڪ پئي ڪري ته ملڪ تباهه ٿي ويو، اسان صبر ڪيو اڍائي سال گذري ويا:عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) کنڊ، قبضا ۽ سياسي مافيا مفادن جي تحفظ لاءِ جنگ وڙهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے