نڪور خبرون
Home / تازا ترين / پي ٽي آءِ سياستدانن جي نه پر سنهي ڪندڙن ۽ ٺڳن جي پارٽي آهي: سعيد غني

پي ٽي آءِ سياستدانن جي نه پر سنهي ڪندڙن ۽ ٺڳن جي پارٽي آهي: سعيد غني

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ پ اڳواڻ ۽ سنڌ جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ملتان ۾ سڀ رستا بند ڪيا ويا پوءِ به هزارين ماڻهو گڏ ٿيا پاڪستان جي عوام هاڻي حڪومت جي ڏاڍ کان ڊڄي پوئتي هٽڻ واري نه آهي. هاڻي هي سلسلو جاري رهندو اهڙن خيالن جو اظهار هن شهبازشريف سان سندس ما5 جي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ فاتحه خواني کان پوءِ صحافين سان ڳالهائندي ڪيو. ان موقعي تي پ پ پ اڳواڻ ناصر حسين شاهه ۽ بيا به موجود هئا هن چيو ته 13 ڊسمبر تي لاهور جو جلسو تاريخي ٿيندو هن چيو ته پي ٽي آءِ سياستدانن جي پارٽي نه آهي پر هي سنهي ڪندڙن ۽ ٺڳن جي پارٽي آهي. جيڪو سڀني کي چور چوي ٿو ان جي ڀيڻ ۽ ليڊرن اين آر او وٺي ڇڏيو اهي. آصفه ڀٽو جي سياست ۾ دلچسپي آهي، ملتان جلسي جو خطاب  آصفه جو آخري خطاب نه آهي. ناصر حسين شاهه چيو ته عوام وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي جي خلاف ٻاهر نڪتو آهي اپوزيشن جي جلسن ۾ ڪرونا اچي ٿو ۽ ڪرونا نه هجي ته نيب اچي وڃي ٿو حڪومت جا پاڻ پنهنجن جلسن ۾ ڪرونا ايس او پيز ڏسي سگهجن ٿا ملتان جي جلسي ۾ ماڻهو وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا هن چيو ته عام ماڻهو جو جيئڻ عذاب ٿي چڪو آهي عام ماڻهو دوائون، بجلي جا بل ۽ ٻارڙن جا خرچ برداشت نٿو ڪري سگهي هن چيو ته حڪومت اين آر او جن کي ڏيڻو هو انهن کي ڏنو ويو آهي. موجوده حڪومت پن سن واري حڪومت آهي. چوڌري ڀائر ان کان ناراض هئا اختر مينگل کين ڇڏي ويو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دهشتگردي جا واقعا وڌي رهيا آهن، ايران بارڊ تي به لوهي پتر ڏني ويندي: شيخ رشيد

اسلام آباد: (م ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے