نڪور خبرون
Home / پاڪستان / هڪ معاهدي تحت حڪومت سان گڏ هئاسين، معاهدو پورو نه ڪيو ويو: اختر مينگل

هڪ معاهدي تحت حڪومت سان گڏ هئاسين، معاهدو پورو نه ڪيو ويو: اختر مينگل

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو اهي ته اسان هڪ ٺاهه تحت حڪومت سان گڏ هئاسين اسان سان ٿيندڙ ٺاهه پورو نه ڪيو ويو نئين سال ۾ خوشيون ملنديون جاتي امره رائونڊ ۾ شهبازشريف ۽ مريم نواز سان بيگم شميم اختر جي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ فاتحه خواني کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهبازشريف ۽ مريم نواز سان تعزيت لاءِ آيو هيس ملاقات ۾ لاهور جي جلسي جي حوالي سان به معاملا غور هيٺ آيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي ڪيل واعدي کان لاچاري جو اظهار ڪري ٿو. ۽ هو اسان سان ڪيل معاهدو پورو نه ڪري سگهيو هن چيو ته اها خبر نه آهي ته ڪاميابي ۽ ناڪامي ڪنهن کي چيو وڃي ٿو ملتان جلسي واري هند تي پهچڻ نه ڏنو ويو اها اپوزيشن جي ڪاميابي آهي هن چيو ته شيخ رشيد جي ٽرين نه هلندي نئون سال خوشيون ۽ تبديليون آڻي ٿو نيئن سال ۾ خوشيون ملنديون ملتان جي جلسي جي ڪاميابي لاهور جي جلسي کي ڪامياب ڪري رهي آهي. هن چيو ته هن حڪومت جي نااهلي جي ڪري ڪرونا آهي. پهريان چوندا هئا ته ننڍڙو فلو آهي، اپوزيشن چيو ته ان کي ڪنٽرول ڪيو ته حڪومت ان تي ڌيان نه ڏنو هن چيو ته اسان ته ننڍپڻ کان تقريرون ڪندا پيا اچون. جهڙي طرح هي حڪومت هلي رهي آهي هي مٿي نه پر هيٺ وڃي رهي آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغان پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي: شاهه محمود

اسلام آباد(م ڊ)  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته 44 سيڪڙو آمريڪي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے