ملتان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملتان ۾ ڪامياب جلسي کان پوءِ لاهور ۾ به جلسو ٿيندو، حڪومت جي پرڏيهي ۽ معاشي پاليسي ناڪام ٿي چڪي آهي، مودي کي ڪشمير ۽ يهودين کي فلسطين ڏيڻ جون ڳالهيون پيون هلن: اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته حڪومت جي ظالماڻي رويي باوجود ملتان ۾ جلسو ڪامياب ٿيو، حڪمرانن جلسي کان اڳ بجلي، پاڻي ۽ گئس بند ڪري ڇڏيو، موسيٰ ۽ قاسم گيلاني سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، وفاقي وزير هاڻ پنهنجي شرمندگي ختم ڪرڻ لاءِ واويلا ڪري رهيا آهن، بلاول ڪورونا ۾ مبتلا هئڻ سبب آصفه ڀٽو زرداري ملتان ۾ جلسي کي خطاب ڪيو، لاهور واري جلسي کي بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو.
