Home / پاڪستان / ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ

ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا وار جاري اهن. فعال ڪيسن جو انگ 49 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 67 مريض ڪورونا وائرس سبب حياتيون وڃائي ويٺا.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾  سڄي ملڪ ۾ 40 هزار 969 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽس جو انگ 55 لک 49 هزار 779 ٿي ويو. اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ گڏيل ڪيسن جو انگ 4 لک 482 ٿي ويو آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب سنڌ ۾ مريضن جو انگ هڪ لک 74 هزار 350، پنجاب ۾ هڪ لک 19 هزار 578، خيبرپختونخواهه 47 هزار 370، اسلام آباد ۾ 30 هزار 406، بلوچستان ۾ 17 هزار 187، آزاد ڪشمير ۾ 6 هزار 933 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 658 انگ ٿي ويو. اين سي او سي موجب فعال ڪيسن جو انگ وڌي 49 هزار 105 ٿي ويو آهي. جن مان 2 هزار 165 مريضن جو انگ ڳڻتي جوڳو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ هڪ هزار 863 مريضن ڪورونا کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ ڪروونا وائرس ۾ مبتلا 3 لک 43 هزار 268 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 66 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن جنهن کان پوءِ گڏيل فوتين جو انگ 6 هزار 091 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 6 سيڪڙو آهي. ميرپور، آزاد ڪشمير ۾ سڀني کان وڌيڪ جڏهن ته پشاور ۽ حيدرآباد ڪورونا ڪيسن ۾ مثبت شرح جي لحاظ سان ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي آهن. حيدرآباد سول اسپتال ۾ داخل دادو واسي ڪورونا مريض دم ڏئي ڇڏيو، سکر سول اسپتال جا 3 ڊاڪٽر به ڪورونا وائرس ۾ وٺجي ويا، ايم ايس موجب آءِ سي وارڊ جي انچارج سميت ٽنهي ڊاڪٽرن کي قرنطينه ڪيو ويو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان ملڪي سياست، جمهوريت ۽ پاڻ تي رحم ڪري: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے