Home / پاڪستان / سنڌ ۾ انسانن جو رهڻ مشڪل آهي ته وڻ ڪيئن بچندا: چيف جسٽس

سنڌ ۾ انسانن جو رهڻ مشڪل آهي ته وڻ ڪيئن بچندا: چيف جسٽس

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد هڪ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ انسانن جو زنده رهڻ مشڪل آهي ته وڻ ڪيئن بچندا. چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ دريائن ۽ واهن سان گڏ وڻ پوکڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪيتري به رقم سنڌ ۾ خرچ ڪئي وڃي پر لڳندي ڪجهه به ڪون، انسانن جو سنڌ ۾ رهڻ مشڪل آهي. ته وڻ ڪيئن بچندا چيف جسٽس چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي ، جنهن جا معاملا مختلف طريقن سان هليا پيا وڃن ، ڌاڙيلن کي پڪڙڻ جي نالي تي لاڙڪاڻو ۽ سکر جي وچ ۾ ٻيلا ڪٽيا ويا ، سنڌ پوليس هڪ به تتلي نه پڪڙي سگهي. عدالت سيڪريٽري جنگلات سنڌ کي سرزنش ڪندي چيو ته سيڪريٽري جنگلات ۽ آبپاشي سنڌ جا ماڻهو جيل ڏانهن ويندا ۽ نوڪريون به وڃائيندا. چيف جسٽس سيڪريٽري ٻيلي کاتي سميت عدالت ۾ پيش نه ٿيندڙن خلاف توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيا

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان ملڪي سياست، جمهوريت ۽ پاڻ تي رحم ڪري: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے