نڪور خبرون
Home / پاڪستان / حڪمران پارٽي جي اڪثريت اپوزيشن طرفان تجويز ڪيل نيب ترميمن جي خلاف آهي : محمود قريشي

حڪمران پارٽي جي اڪثريت اپوزيشن طرفان تجويز ڪيل نيب ترميمن جي خلاف آهي : محمود قريشي

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حڪمران پارٽي جي اڪثريت اپوزيشن جي تجويز ڪيل نيب ترميمن جي خلاف آهي. خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي شاهه محمود قريشي رانا ثناءُالله جي نيب قانون ۾ ترميم جي حوالي سان الزامن جي جواب ۾ چيو ته هڪ معزز ماڻهو اهڙيون ڳالهيون ڪري ته ان جي باري ۾ مان ڇا ٿو چئي سگهان هي صرف هڪ سياسي ڊائيلاگ بازي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته حڪمران پارٽي جي اڪثريت اپوزيشن طرفان تجويز ڪيل نيب ترميمن جي خلاف آهي. اپوزيشن جي جلسن  جي حوالي سان شاهه محمود قريشي چيو ته ڪورونا جي ٻئين لهر شدت سان جاري آهي. ان لاءِ اسان چيو ته اپوزيشن کي جلسا جلوس نه ڪرڻ گهرجن پر هنن اسان جي  ڪابه ڳالهه نه مڃي ته اسان خاموش ٿي وياسين هاڻ اسان اهو سمجهون ٿا ته اپوزيشن کي پنهنجي فيصلي تي نظر  ثاني ڪرڻ گهرجي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغان پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي: شاهه محمود

اسلام آباد(م ڊ)  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته 44 سيڪڙو آمريڪي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے