Home / پاڪستان / ڀارت ڪشميرين جا بنيادي حق ڦٻايا آهن: اسد قيصر

ڀارت ڪشميرين جا بنيادي حق ڦٻايا آهن: اسد قيصر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو اهي ته ڀارت ڪشميرين جا بنيادي حق ڦٻايا آهن گڏيل قومون پنهنجي ٺهرائن تي عمل ڪرائين ڪشمير جو مسئلو حل ڪرڻ بنا ڏکڻ ايشيا ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي ڪشميري عوام جو ڪيس سڄي دنيا جي پارليمان ۾ اٿارينداسين قومي ڪشمير ڪانفرنس تي خطاب ڪندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي فورم تي ڪشمير جو مسئلو اٿاريو سمورا دوست ملڪ ڪشمير جي مسئلي تي اسان سان گڏ آهن، ڪرونا کان اڳ ڪشمير مسئلي تي جامع پلان ٺاهيو ڪشميري عوام جو ڪيس سڄي دنيا جي پارليمانين ۾ اٿارينداسين پنهنجا پارليماني وفد ڪشمير جي مسئلي تي سڄي دنيا ۾ موڪلينداسين پرڏيهي سطح جو ڪشمير جي مسئلي تي اجلاس ڪوٺائينداسين اسد قيصر چيو ته ڪشمير جو مسئلو سياست کان مٿانهون آهي هي اسان جو قومي مسئلو آهي ڪشميري عوام تي ڀارتي تشدد جي مذمت ڪيان ٿو انساني هقن جي تنطيمن کي ڪشمير ۾ انساني حقن جي لتاڙ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. اسان پنهنجي مظلوم ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺا آهيون.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي دنيا سامهون آهي: شهباز شريف

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته نه مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے