نڪور خبرون
Home / پاڪستان / وزيراعظم جي مشروط استيعفا بي معنيٰ هوندي: يوسف رضا گيلاني

وزيراعظم جي مشروط استيعفا بي معنيٰ هوندي: يوسف رضا گيلاني

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي مشروط استعيفا بي معنيٰ آهي ڪراچي ۾ وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ ٻڌڻي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني اها ڳالهه هڪ صحافي جي سوال جي جواب ۾ ڪئي صحافي يوسف رضا گيلاني کان سوال ڪيو ته وزيراعظم عمران خان ڦريل دولت واپس ڪرڻ جي شرط تي استعيفا ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي. ان تي اوهان ڇا چوندا يوسف رضا گيلاني جواب ڏنو ته وزيراعطم عمران خان جي مشروط استيعفا بي معنيٰ آهي ڪرپشن دولت ڦرڻ جو فيصلو عدالت کي ڪرڻو آهي هن چيو ته سينيٽ اليڪشن کان اڳ قانوني ماهرن جي راءِ تي استيعفا نه ڏنيون اسان سمجهيو سي ته استعيفائن سان سينيٽ اليڪشن نه ٿيندي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پيپلزپارٽي جي قانوني ماهرن راءِ ڏني ته استيعفائن جي باوجود سينيٽ اليڪشن ٿيندي. قانوني ماهرن جي راءِ جي روشني ۾ سينيٽ ۽ ضمني چونڊن ۾ حصو ورتو هن چيو ته منهنجي خلاف هڪ ئي الزام تي 26 ڪيس ڪيا ويا آهن، واعدي معاف شاهدن کي جيل ۾ هجڻ گهرجي پر اهي ٻاهر آهن، يوسف رضا گيلاني چيو ته مسلم ليگ 0ن) جي ميزباني ۾ ڪشمير تي اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم جو جلسو ٿيندو. پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهي اجلاس ۾ اهم فيصلا ٿيندا. اتحاد ۾ 11 پارٽيون آهن سڀني جو موقف ٻڌو وڃي ٿو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغان پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي: شاهه محمود

اسلام آباد(م ڊ)  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته 44 سيڪڙو آمريڪي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے