ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي ۾ دهشتگردي جي حملي جي وڏي خطري سبب نيڪٽا هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي تفصيل موجب ڪراچي ۾ دهشتگردي جي وڏي حملي جو خطرو آهي. نيڪٽا ڪراچي ۾ دهشتگردي جي خطري جي حساس ادارن جي رپورٽ تي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو سيڪيورٽي ذريعن موجب دهشتگرد ايندر ڏينهن ۾ اهم سرڪاري عمارت تي حملي جو پلان ٺاهي رهيا آهن شهر جي ويجهي علائقي ۾ بارود سان ڀريل گاڏي تيار ڪئي ويئي آهي جڏهن ته دهشتگرد آپگهاتي حملي سميت گاڏي يا رڪشا جي مدد سان حملي جي رٿابندي ڪري رهيا آهن. نيڪٽا 8 جنوري تي به ڪراچي ۾ دهشتگردي جي حملي جو الرٽ جاري ڪيو هو دهشتگردي انت واري اداري هدايت جاري ڪندي چيو ته پوليس رينجرز ۽ لاڳاپيل ادارا سيڪيورٽي انتظام سخت ڪن. ٻئي پاسي سنڌ جي گهرو کاتي سنڌ جي آءِ جي کي به خطري کان باخبر ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته نيڪٽا جي ٿريٽ الرٽ کان پوءِ ڪراچي ۾ سيڪيورٽي کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي.
