Home / پاڪستان / نوازشريف پ پ کي استعيفائن ۽ لانگ مارچ ۾ شرڪت لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو

نوازشريف پ پ کي استعيفائن ۽ لانگ مارچ ۾ شرڪت لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي گهر ٿيندڙ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ لانگ مارچ جي تاريخ جي اعلان تي زور ڏنو ويندو ذريعن موجب گذريل ڏينهن ٿيندڙ اجلاس ۾ نوازشريف وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيو جڏهن ته اجلاس ۾ مريم نواز، شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، مريم اورنگزيب، جاويد لطيف، سعد رفيق، ۽ پرويز رشيد به شريڪ ٿيا ذريعن مطابق اجلاس ۾ چٽو موقف اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ لانگ مارچ جي تاريخ جي اعلان تي زور ڏنو ويندو ان ڏس ۾ پيپلزپارٽي کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي جڏهن ته نوازشريف پي ڊي ايم جو سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصف زرداري سان رابطو ڪندو. ذريعن مطابق اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته لانگ مارچ ۽ استيعفائن سميت سڀ آپشن استعمال ڪيا ويندا. ذريعن موجب سعد رفيق جي سربراهي ۾ ورڪنگ گروپ به جوڙيو ويوآهي جنهن ۾ رانا ثناءُالله، مريم اورنگزيب، خرم دستگير ۽ جاويد لطيف شامل آهن جڏهن ته گروپ پي ڊي ايم اجلاس لاءِ تجويزون پيش ڪندو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي دنيا سامهون آهي: شهباز شريف

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته نه مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے