نڪور خبرون
Home / تازا ترين / فاقي سرڪار اڃا تائين سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ تحت حصي جي رقم نه ڏئي رهي آهي: مراد علي شاهه

فاقي سرڪار اڃا تائين سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ تحت حصي جي رقم نه ڏئي رهي آهي: مراد علي شاهه

حيدرآباد(رپورٽر)  وفاقي سرڪار طرفان گڏيل مفادن جي ڪائونسل کانپوءِ مالياتي ڪميشن جو طلب ٿيل اجلاس به ملتوي ڪرڻ جو انڪشاف، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته 2010ع کانپوءِ نئون مالياتي ايوارڊ نه آيو آهي، وفاقي حڪومت 2 ڏينهن اڳ مالياتي ڪميسن جو اجلاس طلب ڪيو هو پر اُهو به ملتوي ٿي ويو، وفاقي سرڪار اڃا تائين سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ تحت حصي جي رقم نه ڏئي رهي آهي، وفاقي حڪومت ٻيا ڪم ڇڏي غير آئيني ڪمن ۾ رُڌل آهي، پارليامينٽ ۾ اڪثريت نه هجڻ باوجود سينيٽ اليڪشنز بابت آئيني ترميم پيش ڪرڻ عوام سان مذاق برابر آهي، حيدرآباد جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته حيدرآباد ۾ 9 فيبروري تي پيپلز پارٽي جي ميزباني ۾ جلسو ٿي رهيو آهي، حيدرآباد وارو جلسو پي ڊي ايم جي سمورن جلسن کان وڏو هوندو، جلسي جي تيارين جو جائزو پاڻ وٺي رهيو آهيان. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 9 فيبروي تي پي ڊي ايم جي تحت هٽڙي بائي پاس تي  پي پي پي جي ميزباني ۾ ٿيندڙ جلسو تاريخي هوندو جنهن لاءِ اسانجي ڪوشش آهي ته بهتر کان بهتر انتظام ڪيا وڃن جڏهن ته اڄ حيدرآباد اچڻ جو مقصد ذاتي طور تي انتظامن جو جائزو وٺڻ  آهي _ اها ڳالهه هن اڄ 9 فيبروري تي پي ڊي ايم جلي جلسي گاهه جو جائزو   ۽ لاڳاپيل اختيارين سان شهباز هال حيدرآباد ۾ بريفنگ وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي  چئي -وڏي وزير چيو ته ڊويزنل ۽ ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي آهي اها ٽريفڪ جا انتظام اهڙي طرح ڪري جنهن سان عام ماڻهن کي تڪليف نه  پهچي ۽ ان حوالي سان متبادل رستن تي ٽريفڪ جي راواني کي يقيني بڻايو وڃي_هن ڪي فور منصوبي بابت هڪ سوال تي جواب ڏيندي چيو ته وفاق جيڪا انرجي پاليسي جوڙي هئي ان تي سنڌ کي اعتراض آهن ڇاڪاڻ ته اسان ان حوالي سان ڪجهه تجويزون پڻ ڏنيون هيون  جن کي شامل نه ڪيو ويو _ هن چيو ته اسان کي هڪ اعتراض اهو به آهي ته اهي غير آئيني ڪم ڪرڻ چاهين پئي ته بجلي جي بلن تي ڊٽيڪشن ۽ غلط بلنگ ڪيون _ هنن پهرين صوبي تي 75 ارب رپين جا بل ڪڍيا جڏهن ان تي نظرثاني ڪئي وئي ته فقط 27 ارب رپيا هئا _هن چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اسانجا گهڻا مسئلا التوا هيٺ آهن جنهن ۾سنڌ جي آدمشماري جو مسئلو به موجود آهي _ آدمشماري ۾ سنڌ جي ماڻهن جي ڳڻپ ٺيڪ نه ڪئي وئي آهي جنهن جا اسان وٽ ثبوت آهن _ هن چيو ته اهو سهرو فقط پي پي پي کي وڃي ٿو ته هن صوبن کي 2010 ۾ متفقه اين ايف سي ايوارڊ ڏنو جڏهن ته موجوده حڪومت جي هوندي نظرثاني ڪيل اين ايف سي ايوارڊ آڻڻ مشڪل آهي ڇاڪاڻ ته کين ڪم ڪرڻ جو طريقو ئي نٿو اچي- هن حڪومت کي آئين جي خبر نه آهي ۽ نه ئي وري قانون جي خبر آهي _ هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ هڪ مفتقه دستاويز هوندو آهي جڏهن ته سندن ئي پارٽي ۾ مفتقه سوچ ناهي _ هن چيو ته وفاقي حڪومت اڄڪلهه صرف غير آئيني  ڪمن تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ اڄ کان ٻه ڏينهن اڳ اها غير آئيني طور تي هڪ آئيني ترميم آڻڻ گهرڻ پئي چاهين جنهن ۾ سينيٽ ۾ اوپن بليٽنگ ، ٻيڻي شهريت به شامل هئي جڏهن ته کين اها به خبر ناهي ته وٽن ساده اڪثريت به موجود ناهي ۽ جيڪي اتحادي ڌريون آهن اهي به کانئن ناراض رهنديون آهن جن کي راضي ڪرڻ لاءِ اڄڪلهه وزير اعظم پاڻ به ويندو آهي انهن سمورين ڳالهين جي باوجود هنن هڪ آئيني ترميم پيش ڪئي جيڪا هڪ مذاق هئي جنهن جو مقصد آئيني ترميم آڻڻ نه بلڪه هڪ راند کيڏڻ هئي _ هن چيو ته آئيني ترميم آڻڻ جو هڪ طريقو هوندو آهي جنهن ۾ سمورين سياسي پارٽين کي آن بورڊ ورتو ويندو آهي _هن قومي اسيمبلي ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر نويد قمر سان ٿيندڙ بدتميزي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي _ هن چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اهو صاف لفظن ۾ چئي ڇڏيو آهي ته انشااالله موجوده حڪومت مان تمام جلد ڇوٽڪارو حاصل ڪنداسين _ ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهباز هال حيدرآباد ۾ عملدارن سان منعقد ڪيل هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪئي _ گڏجاڻي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير علي نواز شاهه رضوي، ايم اين اي سڪندر راهپوٽو، ايم اين اي طارق علي شاهه ڄاموٽ ، ايم پي ايز شرجيل انعام ميمڻ ، ڄام خان شورو ، امداد علي پتافي ، عبدالجبار خان ، قاسم نويد قمر  ۽ عاجز ڌامراهه ، صغير قريشي ، ايڊيشنل آئي جي ڊاڪٽر جميل ، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ ، ڊي آئي جي حيدرآباد شرجيل کرل ، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فود غفار سومرو ،ا يس ايس پي حيدرآباد عبدالسلام شيخ کان علاه مختلف کاتن جي عملدارن ۽ پي پي پي اڳواڻ به موجود هئا _گڏجاڻي ۾ وڏي وزير سيڪيورٽي سميت  ٽريفڪ  جي روانگي  جا موثر انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو _ وڏي وزير جلسي دوران ٽريفڪ جي روانگي کي برقرار رکڻ لاءِ موثر انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن عوام کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي _ هن چيو ته ماڻهن کي جلسي گاهه ۾ آميد ۽ روانگي بابت بهتر انتظام ڪيا وڃن جڏهن ته پارڪنگ لاءِ پڻ ڪشاده جڳهه مختص ڪئي وڃي _ هن چيو ته اڪثر اهو ڏٺو ويو آهي ته جلسن جلوسن دوران ميڊيا جي ڊي  ايس اين جي گاڏين جي پارڪنگ  جامسئلا درپيش هوندا آهن جنهن لاءِ ميڊيا جي ڊي ايس اين جي گاڏين جي پارڪنگ لاءِ پڻ انتظام ڪيا وڃن ته جيئن ميڊيا جي دوستن کي به ڪنهن به قسم جي ڪا پريشاني نه ٿئي _هن تاريخي جلسي ۾ سنڌ جي سمورن ضلعن جي عوام شامل ٿي رهي آهي تنهنڪري ضروري اهي ته هڪ مربوط پلان سميت سمورا ڪم مڪمل ڪيا وڃن _ گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفارسومرو بريفنگ ڏيندي جلسي جي حوالي سان صفائي سٿرائي ، پارڪنگ ، ٽريفڪ روٽ پلان ۽ جلسي گاهه تي انتظامن سميت ٻين مامرن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني _ ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو  جلسي جي گذرگاهن جي مڪمل نگراني ڪئي ويندي ۽ اتي ميڊيڪل ڪيمپون پڻ قائم ڪيون وينديون  جنهن تي سنڌ حڪومت پاران ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ جاري ڪيل ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ پڻ انتظام ڪيا ويا آهن جڏهن ته ڪنهن به ناخوشگوار واقعي کان محفوظ رهڻ لاءِ انتظام  اڳواٽ  مڪمل ڪيا ويندا _ ان موقعي تي  ايس ايس پي حيدرآباد عبدالسلام شيخ وڏي وزير کي پي ڊي ايم جي جلسي ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني  – بعد سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڄامشورو ۾ آل سنڌ روينيو ايمپلائيز جي صدر سيد سرردار علي شاهه سان سندس والد متارو شاهه موسوي ۽ پي پي پي سيوهڻ شريف جي اڳوڻي صدر وڏيرو ڌڻي بخش ميراڻي جي لاڏاڻي تي سندس پٽ ، سنڌ فشر فوڪ فورم جي وائيس پريزيڊنٽ مصطفي! ميراڻي سان پڻ تعزيت ڪيون _ ان موقعي تي وڏي وزير  ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مظفر آباد جي تقريب ۾ چيو هو ته انشاا لله تمام جلد ان نااهل وزير اعظم ۽ نا اهل حڪومت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺنداسين _ هن چيو ته حڪومت چين پاران پاڪستاني عوام کي ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ 5 لک ڊوزس ويڪسين تحفي طور  ڏنا ويا آهن جنهن سان 82 هزار ڊوزس سنڌ کي ملياآهن جنهن لاءِ ڪراچي ، حيدرآباد ۽ شهيد بينظير آباد ۾ سينٽرز بڻايا ويا آهن جڏهن ته پهرين مرحلي ۾اسان فرنٽ لائين  هيلٿ ورڪرز جي ويڪسينيشن ڪئي پئي وڃي _ وفاق کي سنڌ کان ملندڙ حصي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اها نااهل حڪومت پنهنجو ڪليڪشن حدف ئي مڪمل  نه ڪري سگهي آهي ته  اها صوبن کي سندن حصو ڪهڙي طرح ڏيندي-

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دهشتگردي جا واقعا وڌي رهيا آهن، ايران بارڊ تي به لوهي پتر ڏني ويندي: شيخ رشيد

اسلام آباد: (م ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے