Home / پاڪستان / هنن جي مرضي آهي جيڪو وڻين اهو ڪن پر چورن کي ڪڏهن به اين آر او نه ڏيندس: وزيراعظم

هنن جي مرضي آهي جيڪو وڻين اهو ڪن پر چورن کي ڪڏهن به اين آر او نه ڏيندس: وزيراعظم

اسلام آباد: (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اپوزيشن کي اڄ اين آر او ڏيندا ته  هي پاڻ چوندا ته عمران خان کان زبردست ماڻهو ڪو ٻيو ناهي جنهن ڪشمير جي ڳالهه ڪئي آهي.وزيراعظم عمران خان خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ڪوبه اڄ تائين آبادي جي خلاف ناهي کٽي سگهيو. تاريخ کڻي ڏسو جڏهن قوم آزادي جو فيصلو ڪري وٺي ته ڪوبه وڌيڪ دير تائين غلام نٿو رهي سگهي. والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج نه هجي ها ته ڪشمير آزاد ٿي وڃي ها. مودي 5 آگسٽ تي ڪشميرين کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو اڄ به آزادي جي لاءِ بيٺل آهن.ڪشميري قوم 5 آگسٽ کان پوءِ آزادي لاءِ وڌيڪ پرعزم ٿي وئي آهي. والاريل ڪشمير جو معاملو گڏيل قومن ۽ دنيا جي آڏو اٿي ويو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت فينف ۾ پاڪستان کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ناڪام رهيو. اسان جي پرڏيهي پاليسي جي بدولت دنيا ۾ پاڪستان جي مقبوليت پهرين کان وڌيڪ آهي. دنيا ۾  اهو شعور پيد اٿي ويو آهي ته ڪشمير ۾ ظلم ٿي رهيو آهي. 50 سالن ۾ سلامتي ڪائونسل ۾ 3 ڀيرا ڪشمير تي ڳالهيون ڪيون پر اسان جي دور ۾ ڳالهيون ڪيون ويون. ان جو مطلب آهي ته معاملو عالمي سطح تي اٿاريو ويو. حالتون جهڙي طرف وڃي رهيون آهن اهي هندسان لاءِ مشڪل هونديون. اسان هندستان کي ٻيهر چيو آهي ته اسان سان ڳالهيون ڪريو، ڀارت آرٽيڪل 370 بحال ڪري ڳالهيون ڪري اسان تيار آهيون. ڳالهين کان علاوه ڀارت وٽ اڳيان وڃڻ جو رستو نه آهي.عمران خان وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مان اڄ ئي اپوزيشن کي اين آر او ڏيان ته هي پاڻ چوندا ته عمران خان زبردست ماڻهو آهي. عمران خان چيو ته هنن جي مرضي آهي جيڪو وڻين اهو ڪن پر چورن کي ڪڏهن به اين آر او نه ڏيندس. وزيراعظم چيو ته نوازشريف پاڻ ٻارن سان گڏ ٻاهر ويٺل آهي. سندس ڀاءُ جا ٻار به ٻاهر آهن. هنن جو منشي به پنهنجي ٻارن سان گڏ ٻاهر ويٺل آهي. هي عوام کي بيوقوف سمجهن ٿا، جيڪي عوام کي بيوقوف سمجهن ٿا انهن کان وڏو بيوقوف ڪو ٻيو نه آهي. ٻاهر ويٺل ماڻهن کي واپس آڻڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪنداسين ان ۾ شايد دير لڳي پر ڪوشش پوري ڪنداسين.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي دنيا سامهون آهي: شهباز شريف

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته نه مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے