Home / تازا ترين / پاڪستان ٺاهيندڙ ايوان م هنگامو افسوسناڪ آهي: سراج دراني

پاڪستان ٺاهيندڙ ايوان م هنگامو افسوسناڪ آهي: سراج دراني

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته پارليمينٽرينز طور اسان کي ايوان جي تقدس جو خيال رکڻ گهرجي جنهن ايوان پاڪستان ٺاهيو ان ايوان ۾ ايئن ٿيڻ افسوسناڪ آهي اسان هائوس هلايو آهي هي واقعو منهنجي نماز تي وڃڻ کان پوءِ ٿيو اربع تي سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته مون کي ناهي خبر ته وڊيو ليڪ ڪير ڪري رهيو آهي هن چيو ته گذريل ڏينهن مان نماز پڙهڻ ويس ته هائوس ۾ گڙٻڙ ٿي ڪالهه جي واقعي تي انڪوائري جو آرڊر ڏنو آهي اسان وٽ سي سي ٽي وي فوٽيج موجود آهي ۽ ميڊيا به ٺاهي آهي انڪوائري کان پوءِ پتو پوندو ته ڇا ٿيو آهي جڏهن ته ڪنهن مون سان ڪائي شڪايت نه ڪئي آهي ته ان کي ڊيڄاريو يا ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن هن چيو ته ايوان جو تقدس خراب ڪرڻ سٺو عمل نه آهي هڪ سوال جي جواب ۾ آغا سراج دراني چيو ته نجومي نه آهيان سينيٽ اليڪشن جو رزلٽ ايندو ته پتو پوندو ووٽ ڏيڻ سب جو پنهنجو پنهنجو حق آهي اسان پنهنجي پوري تياري ڪئي آهي جيڪي سينيٽر چونڊيا ويندا کين مبارڪون ڏينداسين.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي دنيا سامهون آهي: شهباز شريف

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته نه مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے